ڪابل (م ڊ)افغانستان جي صوبي هرات ۾ 6.3 جي شدت جو زلزلو آيو آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق آمريڪي جيولاجيڪل سروي چيو آهي ته هرات شهر ويجهو 6.3 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن جي اونهائي 6.3 ڪلوميٽر هئي. هن ٻڌايو ته تازي زلزلي سبب هن وقت تائين ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. هن ٻڌايو ته تازي زلزلي جو مرڪز هرات کان 30 ڪلوميٽر اوتر اولهه ۾ هو جيڪو ايران جي سرحد ويجهو افغانستان جو ٽيون سڀ کان وڏو شهر آهي.