ڌاڙيل ڏاڍا ٿي ويا: شڪارپور جي ڪچي مان ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻا اغوا

شڪارپور/ چڪ/ خانپور/ پنوعاقل (رپورٽ: ذوالفقار مگسي/ نواب الدين مھر/رستم انڍڙ/ عاصم دايو) شڪارپور ضلعي ۾ بدامني جو راڄ قائم، عوام کانپوءِ محافظ به غير محفوظ بڻجي ويا، هٿياربندن جو ٿاڻي تي حملو، ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ ۽ ٽن اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو، 30 کان وڌيڪ  هٿياربندن ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي حملو ڪري ايس ايڇ او محبوب بروهي سميت پنجن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، ايس ايس پي رينجرز سان گڏ ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي پهتو، اهلڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ راڄوڻي ڪوششون آخري اطلاعن تائين ناڪام رهيون، خانپور تعلقي جي ڪچي واري علائقي جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي هٿياربندن ٿاڻي تي حملو ڪري ايس ايڇ او محبوب بروهي سندس پٽ محمدعلي بروهي  ٿاڻي جو وڏو منشي نسيم گوپانگ، پوليس اهلڪار جان محمد ۽ پرائيويٽ اهلڪار اياز ڪنڀر کي اغوا ڪري کڻي ويا، واقعي بعد ايس ايس پي مصطفيٰ ڪورائي پوليس اٽالن ۽ رينجرس سان گڏ ڪچي واري ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي پهچي ويهي رهيو مليل ڄاڻ موجب هٿياربندن پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته سکر پوليس مهر بڊاڻي چڱي مڙس وزيرحسين خان جتوئي ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي پلاند ۾ اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته گرفتار ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي ته بدلي ۾ اهلڪارن کي ڇڏيو ويندو، ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ آهي ته  ڌاڙيلن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو نه ڪا ڊيل ڪئي ويندي، مھر بڊاڻي ۽ سندس جي ساٿين کي اسان گرفتار ناھي ڪيو، ڏوھارين کي گھرجي پوليس اھلڪارن کي ڇڏي ڏين ٻي صورت ۾ سخت رد عمل سامھون ايندو، ماضي جي روايت رھي آھي گرفتار ڏوھارين جي ڇڏڻ بعد پوليس وارا واپس ٿيندا ھئا ھاڻي ايئن نه ٿيندو،  ذريعن موجب اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ پوليس رينجرز واقعي واري ھنڌ پھچي فيضو ٿاڻي جي ايس ايڇ او عالم ڪرسي ۽ ڊي ايس پي اقتدار جتوئي کي راڄوڻي ڪوشش لاءِ ڪچي اماڻي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ڌاڙيلن طرفان سکر مان 2 اڳ گرفتار ڪيل زخمي ڌاڙيل مھر عرف محرم بڊاڻي جتوئي ۽ کيس علاج لاءِ کڻي ويندڙ ڀوتار وزير جتوئي ۽ سندس پٽ ڪوڙي جتوئي ۽ ڊرائيور جلال انڍڙ کي آزاد ڪرڻ جو ڊمانڊ رکي ڇڏيو، پوليس گرفتار ڪيل ڀوتار ۽ سندس پٽ سميت ڊرائيور کي آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون قبول ڪري ورتيون پر ڌاڙيلن پھرين گرفتار ڪيل ڌاڙيل مهر بڊاڻي جتوئي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو رکي ڇڏيو آهي.

نگران وڏي وزير طرفان ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن جي اغوا تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير پاران شڪارپور جي ڪچي مان ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن جي اغوا واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار  ڪيو ويو آهي. نگران وڏي وزير مقبول باقر جو آءِ جي سنڌ پوليس کي فون، شڪارپور ۾ ويهي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اغوا ٿي وڃن ته پوءِ عوام جو الله ئي حافظ آهي، ڇا هتي جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي يا پوليس سُتل آهي؟ ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز گهرن ۾ ويهي پوليسنگ ڪندا آهن، جيڪو عمل برداشت جوڳو ناهي، اهڙن پوليس آفيسرز جي سنڌ توڙي صوبي جي  عوام کي ڪا ضرورت ناهي، نگران وڏي وزير ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، نگران وڏي وزير چيو ته ايس ايڇ او۽ ٻيا مغوي ٽن ڏينهن اندر آزاد نه ٿيا ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيندي، نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مان پاڻ ٿاڻن ۽ پوليس آفيسرز جي دفترن جي انسپيڪشن ڪندس، ڇا سڀ پوليس اهلڪار سُتل هئا؟، انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي وڃي .

ڏوهارين جي آزادي لاءِ اڳ به پوليس اهلڪار اغوا ٿي چڪو

شڪارپور: ڪجهه ڏينهن اڳ به هٿياربند آباد ميلاڻي ايٽ محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڦوساباد چيڪ پوسٽ تان هڪ اهلڪار عبدالفتاح ابڙو  کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا جن کي ايس ايس پي شڪارپور گرفتار ٿيل 2 ڄڻا واپس ڪيا هئا جنهن کان پوءِ هٿياربندن پوليس اهلڪار کي آزاد ڪيو هو ، ٻئي طرف علائقائي ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته پوليس عملدارنث  اهلڪارن کي اغوا ڪندڙن ۾ اڳوڻي ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ جي پرائيويٽ سي آءِ اي ٽيم جا اهلڪار به ملوث آهن جن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪيو آهي آخري اطلاعن تائين ايس ايس پي شڪارپور ۽ مير عابد حسين جتوئي وچ ۾ ڪوٽ شاهو واري علائقي ۾ ملاقات باوجود مغوي اهلڪار بازياب نه ٿي سگهيا هئا.

مير عابد جتوئي ۽ ايس ايس پي شڪارپور ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات

پنوعاقل: ايس ايڇ او سميت پنج ڄڻن جي اغوا اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ڊي ايس پي خانپور سميت وڏي  انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز کي ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي ويو، ڌاڙيل بيگاري بند کان ھيٺان پوليس جا گھٽ ڏئي ويٺل هئا جيڪي پوليس جي ٿاڻي تي پھچڻ تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب پوليس مغوي اھلڪارن جي اغوا جا پيرا ڪچي نه کڻي سگھي هئي، ڌاڙيلن ڌاڙيل مهر جتوئي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو رکي ڇڏيو آهي، پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، راڄوڻي لاءِ ڪچي ويل پوليس عملدار واپس موٽي آيا، مير عابد  حسين جتوئي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي پھچي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصفطيٰ ڪورائي سان نويڪلائي ۾ ڳالهيون ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي ويو، پوليس جي وڏي نفري ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي سميت ٿاڻي تي موجود رهي پر آخري اطلاعن تائين ڌاڙيلن سان راڄوڻي ڪوشش ناڪام وڃڻ ڪري ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو محبوب بروهي سميت پنج ئي مغوي پوليس عملدار آزاد نه ٿي سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.