مورو (رپورٽ: شاهنواز ڀٽي) موري ۾ هٿياربندن ڳوٺ ميانداد لنڊ جي رھواسي نوجوان عمران علي لنڊ ولد غيبي خان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي سندس وارث ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ايمبولنس ذريعي کڻائي مورو اسپتال منتقل ڪيو، مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي نوجوان کي بي گناھ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي جيڪو وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته مقتول نوجوان سلائي مشينن جو ڪاريگر آهي جيڪو ڪالهه شام جو 7 وڳي دڪان تان لهي ويو هو ۽ گهر نه پهتو هو، ڳولا بعد اسان کي ان جو ڪيلي جي باغ مان لاش مليو، پوليس موجب سڀني پاسن کان جاچ ڪري رهيا آهيون قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.