اسلام آباد(م ڊ) پهرين آڪٽوبر کان گهريلو ۽ ٻين صارفين لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي تياري محفوظ گيس صارفين لاءِ مقرر ماهوار چارجز 10 رپين مان وڌائي 400 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پهرين آڪٽوبر کان گئس جي اگهن ۾ واڌ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب محفوظ گيس صارفين لاءِ مقرر ماهوار چارجز 10 رپين مان وڌائي 400 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صارفين لاءِ گئس جا اگهه 200 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته گهريلو صارفين لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 172 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهريلو کانسواءِ ٻين صارفين لاءِ گئس جي اگهن ۾ 198.33 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف سميت امداد ڏيندڙ ادارن گئس، بجلي مهانگي ڪرڻ ۽ گردشي قرض گهٽائڻ جي زور ڏنو.