غزا جي مڪمل ناڪابندي، اسپتالن ۾ بجلي بند،ٻارن،عورتن سميت 1100 فلسطيني شهيد

والاريل بيت المقدس (م ڊ ) فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آهي ته غزه پٽي تي اسرائيل جي جارحيت جي نتيجي ۾ هاڻي تائين 260 ٻارن، 230 عورتن ۽ 8 صحافين سميت 1100 فلسطيني شهيد ٿي  چڪا آهن. فلسطيني خابرو اداري مطابق فلسطين جي شهيدن ۾ 8 صحافي شامل آهن ٻارن،عورتن سميت 5339 ماڻهو سخت زخمي پڻ ٿيا آهن. صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي گهيراءَ جي نتيجي ۾ غزا ۾ اسپتالن ۾ دوائن، طبي اوزار ۽ ٻارڻ جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. صحت واري وزارت ٻڌايو ته بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ صحت جي نظام لاءِ هڪ چئلينج آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي سخت زخمي شهرين ۽ بيمارن جي حياتين کي خطرا درپيش آهن، جنريٽر وسيلي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فني ۽ انجنيئرنگ عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. هوڏانهن روس جي خابرو اداري (تاس) فلسطين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي، ته اسرائيل جي هوائي حملن جي نتيجي ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 22639 عمارتون ۽ 10 اسپتالون تباهه ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه 48 اسڪولن کي پڻ نقصان پهتو آهي جڏهن ته علائقي ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي،اسرائيل گذريل 5 ڏينهن کان جاري فضائي حملن کان پوءِ هاڻي غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائيءَ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ 3 لک اسرائيلي فوجي غزه جي سرحد تي گڏ ٿي چڪا آهن. اسرائيل اڳ ئي غزه جو مڪمل گهيرو ڪري کاڌي پيتي، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي اسرائيلي فوج چيو آهي ته غزه ۾ جنگ ۾ تمام وڏي تيزي آندي ويندي هوڏانهن اولهندي ڪناري جي هزارين فلسطيني رهواسين غزه ۾ اسرائيل جي فضائي حملن خلاف احتجاج ڪيو ، گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ 260000 کان به وڌيڪ ماڻهون گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي وياآهن فلسطين مزاحمت تحريڪ حماس جي ڪارروائين ۾ هاڻي تائين 1200 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي چڪا آهن. روس جي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي فوج جي اڳوڻي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي اسرائيل جي ڊفينس فورسز جي اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ چيو آهي ته اسرائيل تي حماس جي حملن جي نتيجي ۾ 1200 اسرائيلي مارجي ۽ 1200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.