رياض(م ڊ) سعودي عرب غزه جي صورتحال تي اسلامي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ غزا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ عسڪري ڪارروائين ۽ وڌندر ڇڪتاڻ جو جائزو ورتو ويندو، جيڪا خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهي آهي. سعودي عرب اهو اجلاس اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موجوده سيشن جي سربراهه ۽ او آءِ سي ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان طلب ڪيو آهي. ان کان علاوه او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ غزا ۾ اسرائيل جي فوج جي جارحيت جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو آهي،