اسلام آباد( م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس فائز عيسيٰ چيو آهي ته چئن ٻڌڻين ۾ هڪ ڪيس ختم ناهي ٿيو، اها اسان جي ڪارڪردگي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل فل ڪورٽ بئنچ ”سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023“ خلاف داخل 9 درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن کي لائيو نشر ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ بئنچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس سيد مظهر علي اڪبر، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس اطهر من الله، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن. ٻڌڻي شروع ٿي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڪيل فيصل صديقي دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته مان درخواستن جي قابل قبوليت جو سوال ئي نه اٿاريندس، درخواستگذارن پاران ڏنل ٻن فيصلن تي بحث ڪندس. جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته آئين ۾ عدليه، ايگزيڪيوٽو ۽ ليجسليچر الڳ الڳ ڇو آهن؟ ايڪٽ سپريم ڪورٽ جي آزاديءَ ۾ مداخلت آهي، جنهن تي فيصل صديقي جواب ڏنو ته ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿو سمجهي سگهجي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. چيف جسٽس چيو ته ساٿي ججز کي درخواست آهي ته پنهنجا سوال روڪي رکن، بينچ ۾ هر ڪو سوال ڪرڻ چاهي ٿو پر وڪيل جو ڪو دليل پورو ٿيڻ ته ڏيو، چئن ٻڌڻين باوجود اسان جي ڪارڪردگي اها آهي ته هڪ ڪيس ختم نه ٿيو آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته سپريم ڪورٽ رولز ۾ لاء جي تعريف درج آهي، رڳو اهو ٻڌايو ته آرٽيڪل 191 ۾ لاء جو ڇا مطلب آهي؟ جسٽس منيب اختر جي سوال تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان اڳ ئي ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته فيصلي ۾ لکي ڇڏجو، وڪيل کي مرضي موجب جيڪي دليل ڏيڻا هوندا ڏيندو، جسٽس منيب اختر چيو ته بينچ جو حصو هئڻ تي منهنجو حق آهي ته مان سوال ڪيان. چيف جسٽس چيو ته ظاهر آهي توهان سوال ڪري سگهو ٿا، پر پهرين وڪيل دليل ته مڪمل ڪري، جسٽس منيب اختر چيو ته معذرت سان منهنجو مسئلو منهنجو سوال آهي جنهن جو جواب ڏيو، مون کي سوال پڇڻ کان روڪيو ويندو ته پوءِ بينچ ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ چيف جسٽس چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن چوي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي ڪم ۾ مداخلت ٿي، ظاهر آهي چيف جسٽس ڪم نه ڪندو ته ائين ٿيندو، اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هي اهم سوال آهي جيڪو اٿارڻ چاهيان ٿو، آرٽيڪل 191 کي قانون سازي جي 58 سان گڏ پڙهو ته پارليامينٽ کي قانون سازي جو پورو اختيار هو، صلاح الدين ان جو حوالو ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ختم به ڪري سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته منهنجي راءِ صلاح الدين احمد کان مختلف آهي. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته آرٽيڪل 175 کي اينٽري 55 سان پڙهو ته ڇا پارليامينٽ کي عدالت جو دائرو وڌائڻ جو اختيار ناهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته سادي قانون سازي سان ائين ڪرڻ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جهڙو ناهي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي جي پڄاڻي تي حڪم نامو لکندي چيو ته سينيئر ترين جج سردار طارق مسعود ۽ جج اعجاز الحسن بينچ ٺاهڻ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي مرضي تي ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ڌرين کي پنهنجا دليل مختصر ۽ جامع رکڻ لاءِ چيو . متحده جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا، پاڪستان بار ڪائونسل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي حمايت ڪري ڇڏي.