ڪراچي (رپورٽر) پ پ جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبيلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي طرفان افغانين سميت سمورن پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، هن چيو ته مان سنڌ اسمبيلي جي فلور تي چئي چڪو آهيان ته سموران پناهگيرن کي سنڌ ملڪ واپس موڪليو وڃي، آغا سراج دراني اهڙي ڳالهين جو اظهار احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو آهي، احتساب عدالت ڪلفٽن ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي، آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ منهنجي خلاف افغان پناهگيرن جي سرپرستي جا ثبوت آهن ته پيش ڪري، مون تي بغير ثبوتن جي تنقيد ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو وڃي.