سڀني غيرقانوني پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثارکهڙو وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ موجود غيرقانوني افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته تحريڪ طالبان  پاڪستان بابت به پاليسي واضع ڪئي وڃي ۽ سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ دستاويزن جي بغير موجود سڀني غيرقانوني پرڏيهين کي سنڌ مان به ڪڍيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائش گاهه تي ڪارساز سانحي جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت کانپوءِ هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو. هن چيو ته دستاويزن کان بغير سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود سڀئي غيرقانوني  پرڏيهي خراب معشيت تي وڌيڪ بار آهن ۽ سنڌ انهن غيرقانوني پرڏيهين جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جو ٺيڪو نه کنيو آهي، ان لاءِ سنڌ ۾ موجود سڀني غيرقانوني پرڏيهين کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي ان لاءِ ڌاڙيلن ۽ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ جي ايميگريشن قانون تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي وڃي ته ايڏي وڏي تعداد ۾ غيرقانوني پرڏيهي ڪيئن ملڪ ۾ آيا ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن جاري ٿيا، هن چيو ته وفاقي حڪومت بارڊرن جي نگرانيءَ جو عمل وڌيڪ سخت ڪري ته جيئن ملڪ ۾ وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهين جي آمد کي روڪي سگهجي. هن چيو ته هر پنجن سالن کانپوءِ پيپلزپارٽي مخالف اتحاد ٺهندا رهندا آهن پر پيپلزپارٽي عوام جي طاقت سان چوٿون ڀيرو به سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.