رتوديرو(ن ع آ) رتوديرو ۾ افغانين جي نيڪالي لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرين آصف اوڍو ، سجاد خاصخيلي ، روشن جويو ، اسد کوکر ، رحمٰن قريشي ، اڪرم ڀٽي ، شريف شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪندا بس اسٽينڊ تي پهتا جتي مظاهرين پاران ڌرڻو هنيو ويو بعد ۾ مظاهرين احتجاج ڪندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ جي دل ڪراچي سميت ٻين ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ لکين افغاني ترسيل آهن جن جا ڪوڙا ٺهيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري کين نيڪالي ڏني وڃي