حيدرآباد : قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي، ماڻهو چنڊ ۽ مريخ تي بيٺا آهن، اسان عيد جو چنڊ ڏسڻ ۾ مصروف آهيون ۽ عورتن تي ظلم ڪري رهيا آهيون. گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ به وڏي صنعت قائم نه ٿي سگهي، سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي، عالمي سامراجي طاقتن اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آھي ۽ افغانين سميت سڄي دنيا مان غير قانوني پرڏيھي آڻي انھن کي سنڌ ۾ رھايو ويو، سنڌ پوليس فوري طور افغانين سميت سمورن ڌارين کي گرفتار ڪري واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نه رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس به داخل نٿي ٿئي، غير قانوني ماڻهو سرڪاري نوڪريون به ڪن پيا ڪنهن کي ڪا خبر ناهي.