ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي مان غير قانوني افغانين جي لڏپلاڻ شروع ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين کي ملڪ ڇڏڻ جي حڪومتي ڊيڊ لائن کان اڳ افغانين ڪراچي ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني آباد آهن، غير قانوني طور رهندڙ افغاني دهشتگردي، ڦر لٽ، قبضي، منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ اسٽريٽ ڪرائم جهڙن ڏوهن ۾ ملوث آهن. هنن چيو ته حڪومت کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ وقت ڏيڻ گهرجي ها.هڪ اندازي موجب غير قانوني طور تي آباد افغان شهرين جو انگ 4 لک جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته علائقائي ذريعن جو چوڻ آهي ته سومر تي سهراب ڳوٺ افغان بستي کان 15 کان وڌيڪ بسون افغانستان لاءِ روانيون ٿيون آهن