فوج غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروائين ۾ سهڪار ڪندي: آرمي چيف

ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي  اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف جنرل عاصم منير فوج جي غير قانوني سرگرمين خلاف جاري ڪارروائين ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سمگلنگ ۽ منشيات روڪ آپريشنز ۽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهين جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي وطن واپسي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو، فورم کي پرڏيهي ڪرنسي کي ريگيولرائز ڪرڻ جي قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي، بلوچستان ۾ ايف آءِ ايف سي جي قدمن تحت اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم بلوچستان حڪومت طرفان اڳڀرائي تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس سان خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته فوج غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروائين ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، مقصد وسيلن جي ڦرلٽ ۽ انهن سرگرمين سان معاشي نقصانن کي روڪڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.