غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري،شهيدن جو انگ 830 ٿي ويو

تل ابيب(م ڊ)  حماس جي طوفان الاقصيٰ آپريشن ۾ اسرائيلي فوتگين جو انگ 1100 ٿي ويو آهي جڏهن ته غزا تي 4 ڏينهن کان  جاري بمباري ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 830 کان وڌي ويو آهي جن ۾ 140 معصوم ٻار به شامل آهن. اسرائيل غزه جي داخلي ۽ خارجي رستن جي ناڪابندي ڪري بجلي ۽ خوراڪ جي سپلاءِ به روڪي ڇڏي آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حماس جي اوچتي حملي کان پوءِ اسرائيلي فوج هينئر تائين سنڀالي نه سگهي آهي. مختلف چڪرين ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوتين جو انگ 1100 کان وڌي ويو آهي جن مان 100 کان وڌيڪ فوجي ۽ پوليس اهلڪارن سميت پرڏيهي شهري به شامل آهن.ٻئي طرف اسرائيلي فوجين بزدلاڻين ڪارروائين ۾ غزا ۾ حماس جي ڪمانڊر جي گهرن تي رات دير سان بمباري ڪئي. اسرائيلي بمباري اڄ پنجين ڏينهن به جاري رهي جنهن ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 830 کان وڌي ويو آهي جن ۾ 140 ٻار به شامل آهن. بمباري ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 3 هزار کان وڌيڪ آهي. گذريل ٻن ڏينهن کان اسرائيل غزه جي ناڪابندي ڪري رکي آهي بجلي ڪاٽا ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا آهن. اونداهي جو فائدو وٺندي اسرائيلي فوج رهائشي علائقن تي بمباري ڪري رهيا آهن. جڏهن ته خوراڪ ۽ تيل جي فراهمي پڻ معطل ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي فوج هڪ اهڙي اسڪول کي به نشان بنايو آهي جتي 73 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پناهه ورتي هئي.هوڏانهن لبنان جي تنظيم حزب الله اسرائيلي زمين تي مارٽر شيلز سان حملا ڪيا جنهن ۾ وڏي پيماني تي اسرائيلين جي مارجي وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اسرائيل به لبنان تي ميزائل فائر ڪيا پر ڪنهن به نقصان جي اطلاع اڃان تائين ناهي ملي. گڏيل قومن سميت عالمي طاقتن اسرائيل ۽ حماس کي صبر کان ڪم وٺڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏ ويهڻو پوندو.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو عالمي طاقتن جي مطالبي کي ٺڪرائيندي غزه ۾ حماس جي ٺڪاڻن کي نيست نابود ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي شهري 24 ڪلاڪن ۾ غزه ڇڏي وڃن. هوڏانهن حماس جي سربراهه اسماعيل بنيه چيو آهي ته غزا ۾ ڪاميابي کان پوءِ اها جنگ مغربي ڪناري ۽ يروشلم تائين ويندي اسان پنهنجي زمين تان قبضو ختم ٿيڻ تائين جنگ جاري رکنداسين. غزه تي اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ حماس اسرائيلي شهر اشڪلون تي حملي جي ڌمڪي ڏني آهي.حماس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽيليگرام تي هڪ پوسٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته غزه پٽي جي ڏور اتر ۾ شهر جي رهواسين کي مقامي وقت موجب شام 5 وڳي تائين شهر خالي ڪرڻ جو وقت ڏنو ويو آهياسرائيلي فوج اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڇنڇر کان وٺي غزه کان اسرائيل تي 4,500 کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن.گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه چيو آهي ته اسرائيل پاران غزه جي پٽي جو مڪمل گهيرو، شهرين کي بقا لاءِ ضروري سامان کان محروم ڪرڻ عالمي قانون تحت منع آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.