رياض(م ڊ) سعودي عرب چيو آهي ته سندس ملڪ فلسطين جي عوام سان سندن حق حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ بيٺل آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران غزه ۾ فوجي ڇڪتاڻ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب فلسطين جي قوم جي امنگن ۽ مطالبن کي حاصل ڪرڻ ۽ هڪ منصفاڻي ۽ جامع امن تائين پهچڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي. ان کان اڳ هن مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيوترجمان وضاحت ڪئي ته مصر ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايندڙ عرصي ۾ فلسطين مسئلي جي حوالي سان عربن جي ويزن جي تصديق لاءِ مشاورت ۽ هم آهنگي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.