تهران(م ڊ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته هو اسرائيل تي حملي ۾ ملوث ناهن پر اسرائيل تي حملو ڪندڙن جا هٿ چمڻ ٿا چاهين. پنهنجي قوم کي خطاب ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته اسرائيل تي حملو سندس فوج ۽ انٽيليجنس لاءِ نه ڀرجڻ جوڳو نقصان آهي. خامنه اي چيو ته حماس جي تباهي واري حملي اسرائيل جو اهم انفراسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تلافي ڪرڻ ايترو آسان ناهي. ايران جي سپريم ليڊر اسرائيل کي پنهنجي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو آهي.