اسلام آباد(م ڊ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) يوٽيلٽي اسٽورز سميت سرڪاري ادارن کي ليز تي ڏيڻ يا وڪرو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز کي ختم ڪيو وڃي يا خانگي شعبي جي حوالي ڪيو وڃي ۽ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته حڪومت پاران ادارن جي سربراهي موجوده معاشي صورتحال ۾ نقصانڪار آهي ذريعن موجب نگران حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن جي نجڪاري يا انهن جي خاتمي بابت آءِ ايم ايف کي ڪو به جواب ناهي ڏنو پر يوٽيلٽي اسٽورز کي ختم ڪري بي آءِ ايس پي جي سالياني بجيٽ ۾ واڌ جي تجويز به غور هيٺ آهي. ذريعن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت يوٽيلٽي اسٽورن بابت اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي نه پهتي آهي ڇاڪاڻ ته نگران حڪومت دوران يوٽيلٽي اسٽورن بابت حتمي فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي.
پگهاردار ۽ اجرت نه وٺندڙ طبقي لاءِ ٽئڪس حد برابر، زراعت تي ٽئڪس لڳايو:عالمي بئنڪ
اسلام آباد( م ڊ) ورلڊ بينڪ پاڪستان کي چيو آهي ته پگهاردار ۽ غير پگھاردار طبقن جي ٽيڪس جي حد برابر ڪئي وڃي ته جيئن ذاتي انڪم ٽيڪس کي ترقي يافته بڻايو وڃي ۽ زرعي آمدني ۽ ملڪيت کي به يڪس دائري ۾ آندو وڃي. ورلڊ بينڪ جو اندازو آهي ته زرعي آمدني ۽ ملڪيت تي ٽيڪس، جيڪڏهن صحيح طور تي لاڳو ڪيو وڃي ته، سالياني بنياد تي جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ ٽي سيڪڙو ۽ هر سال 30 ٽريلين روپين کان وڌيڪ پيدا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ ان جو مالياتي خسارو اهڙو آهي جو ملڪي معيشت پائيدار نه رهي سگهي، ان ڪري آمريڪا جي ضرورت اها آهي ته هڪ طرف آمدني وڌائي ته ٻئي طرف خرچ گهٽائي. پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي چيف اڪنامسٽ طوبياس حق سومر ڏينهن ڪجهه چونڊيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ”اسان اميرن تي ٽيڪس لڳائڻ ۽ غريبن کي تحفظ ڏيڻ جي سفارش ڪري رهيا آهيون.