اسلام آباد(بيورو+اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست کي ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن درخواست بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. درخواست گذار خالد محمود خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي، ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه ڪيس ۾ سزا ٿي چڪي آهي. نواز شريف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو حڪم موجود آهي.