اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته نواز شريف اڄ 11 آڪٽوبر تي سعودي عرب روانو ٿي ويندو، چين يا قطر جو دورو نه ڪندو، وطن واپسي کان پهرين ٻن ڏينهن لاءِ گڏيل عرب امارتن جو دورو ڪندو. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سعودي عرب ۾ شاهي خاندان سان ملاقاتن جهڙين مصروفيتن بابت مون کي ڪا به خبر ناهي، جڏهن ته هو عمرو پڻ ادا ڪندو. مسلم ليگ (ن) جي بيانئي ۽ نواز شريف جي تقرير جي حوالي سان هن چيو ته (ن) ليگ پنهنجو بيانئو تبديل ڪيو، ووٽ کي عزت ڏيو جو مطلب آهي ته پارليامينٽ کي عزت ڏيو،