ملتان (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جنوري ۾ برفباري سان چونڊن تي اثر پوندو، چونڊون سڀاڻي ئي ڪرايو اسان تيار آهيون. ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو مسلم امت جو فرض آهي ته فلسطين جي مدد ڪري، اسلامي دنيا کي هڪ قوت بڻجي ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻو پوندو، فلسطين همت سان پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪيو، مسلم امت کي فلسطين سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن چيو ته افغانين سان جيڪو رويو رکيو ويو اهو مناسب ناهي، افغان پناهگيرن کي ڏاڍ ۽ تشدد سان نه ڪڍڻ گهرجي، افغانستان مان جيڪي دهشتگرد اچي رهيا آهن انهن کي روڪيو، افغاني اسان جا مهمان آهن، روايتن موجب رويو رکڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ووٽ کي جن کان خطرو هو هاڻ اهو خطرو ختم ٿي چڪو آهي، نواز شريف ووٽ کي عزت ڏيو کان پوئتي ناهي هٽيو، پ پ چيو هو ته چونڊون نئين مردم شماري تحت ٿيڻ گهرجن ۽ نئين مردم شماري تحت نيون تڪ بنديون ٿينديون، اهي ماڻهو اندروني طور فيصلو ڪندا آهن ۽ ٻاهر اچي سياست ڪندا آهن.فضل الرحمان چيو جنوري جي آخر ۾ چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ مختلف علائقن ۾ برفباري ٿيندي آهي، سچ چوان ته چوندا آهن چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهيان ٿو، ڀلي سڀاڻي ئي چونڊون ڪرايو اسان ته تيار آهيون.