اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا برابر موقعا ڏنا وڃن.صدر سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته ايندڙ عام چونڊون آزاد، منصفاڻي، شفاف ۽ شموليت سان ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا برابر موقعا ڏنا وڃن. جمهوريت بي معنيٰ ٿي ويندي جيڪڏهن عوام پنهنجي پسند جا اڳواڻ چونڊي نه سگهي.صدر چيو ته تلخيون ختم ٿيڻ گهرجن، تعاون ۽ معافي جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڏکين فيصلن لاءِ عوام جي حمايت ۽ گڏيل مالڪي جي ضرورت آهي.