لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي استقبال جي تيارين لاءِ لاهور ۾ ٿيندڙ جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب ن ليگ 11 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اجلاس به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.ن ليگ قيادت سمورن تڪن جي ڪارڪنن کي ماڊل ٽائون ۾ جلسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 8 آڪٽوبر جي ريلي کانپوءِ ٻيون ريليون به منسوخ ڪيون ويون ته جيئن ناڪامي جو خراب تاثر نه پوي.