ڌارين بابت سنڌ دوست ڌرين جي واضح فيصلي جو وقت

وفاقي حڪومت غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪري رکيو آھي.جنھن کانپوءِ افغانستان حڪومت،انساني حقن جي تنظيمن ۽ خيبرپختونخواھ  جي قومپرست ڌرين پاران ردعمل ظاھر ڪيو ويو آھي. جيڪي ان کي انساني حقن جي لتاڙ ۽ غيرانساني ورتاءُ قرار ڏئي رھيا آھن.

ڪجهھ مبصرن جو چوڻ آھي تھ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پاران ھن وڏي آپريشن جي ڪيل اعلان جو مقصد چونڊن جي عمل تان ڌيان ھٽائڻ آھي. ساڳي ريت ڪن حلقن جو اھو  خيال آھي ھڪ اڻ چونڊيل حڪومت کان اھڙا ڪم ورتا پيا وڃن جنھن جو ان کي مينڊيٽ حاصل نھ آھي.

ڪجھھ وقت اڳ جڏھن اھو معاملو ميڊيا جي سامھون آيو ھو تھ، ملڪ جي ٽنھي صوبن پنجاب،ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن ۽ خود انتظاميھ غيرملڪين خاص ڪري افغاني پناھگيرن کي اتي ترسائڻ جي حق ۾ نھ ھئا.جڏھن تھ ھن وقت وري ڪي پي ڪي جي لڳ ڀڳ سمورين سياسي جماعتن طرفان، موجود حڪومت جي غيرملڪين کي واپس پنھنجي وطن وڃڻ لاءِ ڪيل فيصلي جي مخالفت ڪري رھيا آھن.

پاڪستان حڪومت جو چوڻ آھي تھ گذريل چاليھه سالن کان افغاني پناھگيرن کي مھمان ڪري رھايو ويو ھو پر ھاڻي ان جو سڌو اثر ملڪ جي معيشت ۽ خود سياسي سماجي زندگيءَ تي پئجي رھيو آھي. اھو بلڪل درست ھو تھ ڪڏھن حڪومت انھن افغانين کي پناھگير ڪري ھتي رکيو ھو ان جا ڪي سياسي فائدا پڻ ھوندا پر ھن وقت ھي مسئلو خاصو سنگين ٿي ويو آھي.

تاو افغانستان سان لڳندڙ سرحدن مان وڏي تعداد ۾ غيرقانوني طور افغاني شھري اچي رھيا ھئا،ھن وقت نھ ھڪ لحاظ سان دنيا جي سمورن غيرملڪين جو دٻاءَ ڪراچي شھر تي آھي. ملڪ ۾ عام واھپي جي شين جي اگھن وڌڻ ۽ مھانگائي جي نئين لھر بعد جڏھن حڪومت تازو  روزمرھ جي شين ۽ ٻئي قمتي سامان جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ان دوران حڪومت پاران غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو ويو آھي.

ھڪ اندازو آھي  30 کان 32 لک افغاني شھري غيرقانوني طور ترسيل آھن ۽ اٽڪل12 لک اھڙا افعاني شھري آھن،جن وٽ دستاويز موجود آھن.جيئن تي ڪراچي ھڪ بندرگاھي شھر آھي جي روزگار جي موقعا وڌيڪ آھن ان ڪري دنيا مان تڙجي آيل ھر غيرملڪي کي ڪراچي وڌيڪ سولو شھر محسوس ٿئي ٿو. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ عدالت چٽي ريت  چيو ھو تھ شھر ۾ ٿيندڙ ڏوھن ۾ غيرملڪي خاص ڪري افغاني شھر ملوث آھن،پر ان وقت جي حڪومت اھڙي فيصلي بابت رسمي ڌيان بھ  نھ ڏنو.جنھن ڪري اھي اتي ئي ترسيل رھيا. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل 6 لک افغان شهرين ويزا ورتيون ۽ باضابطا طور سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيا.

حڪومت جو چوڻ آھي تھ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي سندن سفارتخانن جي مدد سان سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو گڏوگڏ حڪومت شھرين کي پڻ اپيل  ڪئي آھي تھ اھي پنهنجن علائقن  ۾ غير قانوني پرڏيهين جي نشاندهي ڪن. ان سان گڏ غيرقانوني طور رهندڙ ڌارين کي روزگار، پناهه ۽ غير قانوني مدد فراهم ڪرڻ کي پڻ سز جوڳو ڏوھن قرار ڏنو ويو آھي.

مبصرن جو چوڻ آھي تھ 30 لک افغانين کي ملڪ مان ڪڍڻ آسان نه هوندو ڇو ته پاڪستان به ان حوالي سان عالمي قانونن جو پابند آهي.ڪيترن ئي افغانين پاڪستان جي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري پاڪستاني شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيا آهن.

ھتي ھڪڙي بدقسمتي اھا آھي تھ ملڪ ۾ قانون تي عمل نھ ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي اھڙا سرڪاري ماڻھون آھن جن لکين افغانين کي پاڪستاني شھري ھجڻ جا ڪاغذ پٽ ڪجھھ رقم عيوض تيار ڪري ڏنا آھن.

حقيقتن مان معلوم ٿي رھيو آھي تھ ان سموري معاملي کي ھٿ سان خراب ڪيو ويو آھي،جنھن ڪري ھاڻي اھو مسئلو مونجھاري جو شڪار آھي. اھڙي ڪنھن بھ ڪم جي لاءِ وقت ۽ مڪمل عمل ڪرڻ جي لاءِ پوري نگراني  جي گھرج  آھي.

عالمي طور تي پاڪستان جيڪي معاھدا ڪيا آھن،ان موجب انھن کي تڪڙي بنيادن تي ڪئين ٿو ملڪ کان ٻاھر ڪري سگھي؟ ان ڪري ھي انتھائي حساس معاملو آھي ان بابت لاڳاپيل حڪومتن ۽ ان سان ڳنڊيل عالمي ادارن سان گڏجي ڪري ڪنھن حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي.

اسان جي گذارش ھي آھي تھ ان بابت لڳاتار مھم ھلائي وڃي ۽ لاڳاپيل وزارت جي ڪيل اعلانن تي عمل ڪيو وڃي،جئين غيرملڪين کي پناھ ڏيندڙن ۽ انھن جي مدد ڪندڙن خلاف بھ ڊيٽا گڏ ڪري اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ جو عوام اڳي ئي ڌارين آبادي جي دٻاءَ جو شڪار آھي، ھڪڙي لحاظ سان سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن ضلعن ۾ زمين تي ٿيندڙ قبضن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي اصل مالڪن جي ھٿ مان وسيلن کسڪائڻ واري سازشن سنڌ جو عام ماڻھون گھڻو حساسي ٿي ويو آھي،ڳچ عرصي کان اھڙي قسم جي رٿابندي ڪري ھن وقت تھ سنڌ ۾ ڊيموگرافي جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي.

سنڌ ۾ وسيلن تي پوندڙ پريشر جي ڪري ھڪ تھ سنڌ جي ماڻھن کي وڌيڪ سوڙھو ڪيو پيو وڃي ٻيو تھ ان جي ھٿن مان وسيلا ڦريا پيا وڃن.جنھن ڪري سماج ۾ وڏو بگاڙ پڻ پيدا ٿي رھيو آھي. وقت بوقت مخلتف ملڪن مان مان تڙجي آيلن کي سنڌ ۾ ھڪ رٿابندي سان آباد ڪيو ويو،جنھن ڪري مقامي ماڻھن ھاڻي ھر اھڙي ڪوشش تي ڇرڪي رھيو آھي.اھو ئي سبب آھي جو ھن وقت بھ ڌارين خاص ڪري غيرملڪين ۾ پڻ افغاني شھرين جي آبادي جو وڏو دٻاءَ سنڌ جي مٿان پئجي رھيو آھي.

سنڌ جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي ھن اھم معاملي تي گڏجي ڪري پنھنجي حڪمت عملي چٽي ڪرڻ گھرجي جيئن مسلسل سنڌ ۾جي آبادي تان ڌارين جي پريشر کي گھٽ ڪري سگھجي. سموريون سياسي ڌريون سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪن.سنڌ ۾ ڌارين بابت پنھنجو موقف چٽو ڪن،جئين سنڌ جو  ماڻھون ھن معاملي تي واضح ٿي سگھي.اختيارين کي بھ گھرجي تھ ڌارين خلاف شروع ڪيل مھم کي وڌيڪ اثرائتي بڻائڻ جي لاءِ  حڪمت عملي وڌيڪ اثرائتي ڪري جئين ان جا بھتر نتيجا پڻ نڪري سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.