ڪتن کي کسي ڪرڻ تي خرچ ڪرڻ بدران عوام تي پئسو استعمال ڪيو وڃي

حميده گهانگهرو

رپورٽون آهن ته 19 ضلعن ۾ هڪ لک ڪتا کسي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. کسي ڪرڻ جي لاڳت 96 ڪروڙ 33 لکن جي ٻڌائي وڃي ٿي. مڪاني اداري ڪلڪ ذريعي 12 يونٽ قائم ڪيا ويندا. جانورن جي ماهر ڊاڪٽرن، ڪي، ايم سي ڪمائي کاتي، لائيو اسٽاڪ کاتي، زراعت کاتي کان به تعاون حاصل ڪيو ويندو.

هاڻي ڏسجي ته ڪتو آهي ڇا.؟ ڪتي جي اهميت ۽ افاديت ڪهڙي آهي. قمبر، شهدادڪوٽ جي ويجهو کيرٿر جبل تي به ڪتي جي قبر جو عجيب داستان آهي.بنيادي طرح ڪتي جي تعريف ۽ تاريخ تمام پراڻي آهي. جنگلي جانورن ۾ ڪي اهڙا جانور به آهن جن جو انسانن جي رهڻي ڪهڻي سان تمام گهرو واسطو آهي. انهن مان هڪ جانور ڪتو به آهي. ڪتي کي وفادار جانور طور سڃاتو ويندو آهي. پر سندس طبعي طبيعت جا مختلف پهلو به آهن. جڏهن ڪتن ۾ چڙ چڙاپن ايندي آهي ته اهي ڇتا ٿي پوندا. ڇتي ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن کي به ڏاڙهي (چڪ هڻڻ) سگهي ٿو. ٻار ۽ وڏا ڪير به سندس ور چڙهي وڃن ته خطرناڪ طريقي سان زخمي ڪندا. ڇتي ڪتي جا ڏاڙهيل فوري طور علاج نه ٿئي ته اڪثر مري ويندا. ڪتي کاڌل کي 14 انجيڪشن پيٽ ۾ لڳندا آهن. جنهن جي ڪري گهڻي قدر بچاءُ ٿي ويندو آهي.

ڪتا اڪثر ڳوٺن ۾ صرف ان لاءِ پالبا آهن. جيئن مالڪن جي حفاظت ڪري سگهن سندن سنگهڻ جي صلاحيت ايتري تيز هوندي آهي جو ڳوٺ جي ماڻهوءَ کي سڃاڻي وٺندو ۽ اوپري ماڻهوءَ تي ڀونڪندو. اڪثر چورن جي نشاندهي ڪتو وفاداري سان ڪندو. امير ماڻهو ٻاهرين ملڪن جا خاص ڪتا گهرائي گهرن ۾ پاليندا آهن. ڪتي جي وفاداريءَ جا مثال به هوندا ته ڪنهن ماڻهوءَ کي انتهائي نفرت واري لهجي ۾ ڪاوڙ ۾ چيو ويندو ته  صفا ڪو ڪتو آهين. مطلب ڌرتيءَ تي پلجندڙ جانورن ۾ ڪتو انساني سماج جو خاص ۽ عام جانور آهي. هن کي کاڌي جي گهڻي لالچ ناهي هوندي رلندي ڦرندي جتي جيڪو اڇلايل کاڌو به مليو ته کائي ڇڏيندا.

مسلمانن ۾ مذهبي طور ڪتو حرام جانور آهي پر ڪجهه ملڪن ۾ خاص طور چائينز ڪتي جي گوشت کي تمام گهڻي شوق سان کائيندا آهن. ۽ مهانگو قيمتي گوشت سمجهيو ويندو آهي. انڊيا جي ناگرهه جي علائقي ۾ ڪتن، ٻلين، ڪوئن ۽ ڏيڏرن جي گوشت جي اهم ڊش سمجهي ويندي آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حرام حلال جو تصور انساني سوچ سان گهرو تعلق رکي ٿو خاص طرح جنهن ماحول ۾ انسان جي رهڻي ڪهڻي کاڌ خوراڪ آهي اها ئي سندن مستقل خوراڪ بڻجي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري ڪو به جانور کاڌي لاءِ مفيد آهي ته انهيءَ جو قدر اهڙيءَ ريت ٿي سگهي ٿو ته جيڪي جانور ملڪ لاءِ نقصان ڪار هجن انهن کي ضرورت مند ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

هونئن به هن وقت چائنا پاڪستان ۾ ترقيءَ جي معاملي ۾ ڪافي اڳتي وڌي چڪو آهي. ته اهڙي صورت ۾ اهڙو معاهدو ڪجي ته جيئن پاڪستان ۾ ناڻو اچي سگهي. هونئن به پاڪستان، بين الاقوامي تعلقاتن جي بنياد تي ڪافي شيون موڪلي ۽ بدلي ۾ ٻيون شيون گهرائي رهيو آهي. اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته چيڪ اينڊ بيلنس رکڻ گهرجي. انڊيا کان بصر ۽ ٽماٽر جي ڏيتي ليتي ۾ سبزين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيترن بحرانن کي ختم ڪري سگهي ٿي. ڏسجي ته پاڪستان جون سبزيون، چانور، داليون، ڪچو ڌاڳو ٻاهرين ملڪ موڪلي ناڻو ڪمايو ٿو وڃي ته پوءِ ڪتن سان بي واجبي ڪري ڪهڙو فائدو حاصل ٿيندو خاص طور اهڙي ملڪ لاءِ جتي غربت، بيماريون روزانه موت جي شرح ۾ اضافو، دوائن جو اڻ لڀ ۽ مهانگيون اتي انساني زندگي کي بچائڻ جي اهميت وڌيڪ آهي. کسي ڪرڻ واري ڪتن جي انجڪشن تمام گهڻي مهانگي ۽ ٻاهران گهرائي ويندي.

اهو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي. ملڪ ترقي ڪرڻ لاءِ اهڙن پاليسي ميڪرن جي راءِ کي اهميت ڏيندا آهن جن سان عوام کي فائدو حاصل ٿئي. کسي ڪتن بابت ميڊيڪل جي تحقيق ۾ چيو ٿو وڃي ته اِهي ذهني بيمارين جو شڪار به ٿي سگهن ٿا. قدرت جو نظام هر انسان، جانور، پکي، جيتن ۾ جنريشن وڌائڻ جو نظام جسم ۾ موجود هوندو آهي. ۽ غير فطري عمل ڪري ڪيترين بيمارين جا سبب نقصان ڪار ٿي سگهن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته ڪلڪ ذريعي ملڪي ترقيءَ لاءِ زرمبادلا تي سوچي.

پاڪستان جي ادارن ۽ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي ڪا بهتر ساک نظر نه آئي آهي. حڪومت طرفان بجيٽ ۾ مليل پئسن جو ضرورت تي خرچ گهٽ پر ان کي ٽجوڙين جي زينت وڌيڪ بڻايو ويو آهي. اهڙي صورت ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪتن کي کسي ڪرڻ تي خرچ ضروري آهي يا غريب عوام جي علاج ۽ سندن بهتر جياپي تي خرچ ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.