پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جتي مهاجرن جي تمام گهڻي مهمان نوازي ٿيندي آهي، پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان مهاجرن سميت ٻين ڪيترن ئي غير ملڪين کي پناهه ڏيندو پيو اچي، هن ملڪ ۾ ڪيترائي غير ملڪي غيرقانوني طور ترسيل آهن، جن کي مختلف سياسي پارٽين جو آشير وارد به حاصل آهن، جڏهن به غير ملڪين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو آهي ته اهي سياسي جماعتون سامهون اينديون آهن ۽ انهن جي حمايت ۾ اچي هلندڙ آپريشن بند ڪرائي ڇڏينديون آهن.
هن وقت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ غير ملڪي گهٽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ غير ملڪي ترسيل آهن، جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي، ان ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿيندي، هن وقت هزاري نه پر لکين غيرقانوني پرڏيهي سنڌ ۾ ترسيل آهن جيڪي سنڌ جي امن امان جي صورتحال وڏو خطرو آهن.
سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ لکين غير ملڪي ڌرتي ڌرڻين جو رت وهائي رهيا آهن، جنهن کي پوليس ڦر مزاحمت جو ڪيس بڻائي فائل بند ڪري ڇڏيندي آهي. ڪيترائي سنڌي ڪراچي ۾ غيرملڪي دهشتگردن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال به ڪيترائي لاش سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ڏانهن موڪليا ويا آهن،جن بابت پوليس جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي مارجي ويا آهن.
هن وقت سنڌ جو گادي وارو شهر ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ پهرين نمبر تي آهي، ڪو به اهڙو ماڻهو نه بچيو آهي، جنهن کان ڦر نه ٿي هجي، جيڪڏهن ڪو شخص کڻي چئي ته ڪراچي مان کانئس ڪڏهن ڦر ناهي ٿي، ته اهو دنيا جو وڏو خوش قسمت ماڻهو هوندو، پوليس ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ ۾ شروع کان وٺي ناڪام رهي آهي پر رينجرز کي اختيار ملڻ باوجود ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال نه ٿي سگهي آهي، ڦورو ڏينهن ڏٺي جو شهرين کان ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس توڙي رينجرز اهلڪار روڊن تي نظر نه ٿا اچن، ايتري قدر جو صحافي به ڪراچي جهڙي شهر ۾ ڦورن کان محفوظ ناهن رهيا. جيڪي به ڦرن جون وارداتون ٿين ٿيون، ان بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته ان پٺيان غير ملڪين، خاص طور تي افغانين جو هٿ هوندو آهي، بيٽري چور کان ويندي وڏين وارداتن ۾ رڳو افغانين جي ملوث هجڻ جا ثبوت ملندا آهن.
ملڪ ۾ تازي ٿيل دهشتگرد ڪاررواين ۾ به افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن پر خبر ناهي ته حڪمران آخر ڇو افغانستان جي سرحد کي اڃا تائين ايترو محفوظ ناهن بڻائي سگهيا. ايتري سولائي سان افغان دهشتگرد پاڪستان اچن ٿا ۽ ڪارروايون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر انهن کي روڪڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نظر نه پئي اچي. هن وقت جيڪڏهن ملڪ کي دهشتگردي کان بچائڻو آهي ته پوءِ افغان دهشتگردن خلاف سخت ايڪشن کڻڻو پوندو. آخر ڪيستائين پاڪستان اهڙين وحشي دهشتگردن کي برداشت ڪندو، جيڪي انسان کي انسان ئي نه سمجهن، پاڪستان جي سرحدن سان ملندڙ ٻيا به ملڪ آهن پر انهن مان پاڪستان کي ايترو نقصان نه پهتو آهي، جيترو نقصان افغانستان پهچايو آهي، ايترو ڪنهن ٻئي نه پهچايو هوندو. افغانستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ان وقت اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف جي دور ۾ آيل افغان مهاجرن کي نيڪالي ڏئي پنهنجي ملڪ افغانستان موڪليو وڃي، جيڪڏهن افغانستانين کي پنهنجي ملڪ نه موڪليو ويو ته اهي اهي دهشتگرد ڪارروايون ڪندا رهندا ۽ ملڪ کي نقصان پهچائيندا رهندا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته افغانستان کان رڳو جاني نه پر معاشي نقصان به تمام گهڻو ٿيو آهي، نفعي خور ڪڏهن ڪڻڪ ته ڪڏهن وري ڀاڻ افغانستان اسمگلنگ ڪري ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن وري کنڊ افغانستان موڪلي ڇڏيندا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ مهانگي ٿي ويندي آهي. افغانستان جي ڪري پاڪستان جي عوام کي تمام گهڻيون ڏکيائيون ڏسڻيون پونديون آهن پر حڪمران چوندا آهن ته اهي پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسان جا مسلمان ڀائر آهن، پر افسوس جي افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، جنهن سان سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان جو ٿي رهيو آهي.
هاڻ حڪمرانن کي ٻڌائڻو پوندو ته آخر ڪيستائين افغان مهاجرن جي مهمان نوازي جاري رهندي، آخر ڪيستائين افعانستان جي ڪري سنڌ جو عوام ڀوڳيندو رهندو، اڳ ئي سنڌ 1973ع ۾ آيل مهاجرن ۽ ٻين غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين سبب ڀوڳي رهيو آهي،ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويو آهي،ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين آفيسر کان ويندي پٽيوالي تان ڌاري لوڌ ڀرتي ٿيل آهي، سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي نوڪرين لاءِ ڀٽڪندا وتن ٿا پر انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه هوندو آهي.
هاڻ حڪومت جيڪو غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلوڪيو آهي، اهو تمام سٺو فيصلو آهي پر ان تي عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، هڪ طرف چيو پيو وڃي ته افغان مهاجرن جي مهمان نوازي جاري رهندي ته ٻئي طرف وري چيو پيو وڃي ته غيرقانوني طور ترسيل افغان مهاجر ملڪ کي ڇڏي ملڪ واپس هليا وڃن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته غير ملڪين کان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ته اهو سنڌ جي ماڻهن جو ٿيو آهي، سنڌ جي زمينن جي والار به ڌارين ڪئي آهي ۽ نوڪرين تي قابض ٿي ويا آهن.
هاڻ جڏهن افغان مهاجرن کي واپس افغانستان وڃڻ جو چيو ويو آهي تڏهن ملڪ اندر انهن جا حمايتي به ميدان تي لٿا آهن ته افغاني مسلمان ڀائر آهن، انهن کي نه ڪڍيو وڃي، پر جڏهن کان افغان مهاجرن کي ملڪ بدر جو اعلان ٿيو آهي، تڏهن کان هن ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون گهٽجي ويون آهن، حڪمرانن به ٻڌايو ته اڪثر حملن پٺيان افغان دهشتگردن جو ئي هٿ هوندو هو. جيڪڏهن هڪ دفعو افغان مهاجرن کي عزت سان پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي ته پاڪستان اندر دهشتگرد ڪارروايون گهٽجي وينديون ۽ سنڌ ۾ به امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ويندي. جيڪڏهن حڪمران افغان مهاجر ايڏي وڏي مهم هلائڻ باوجود افغانين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس اماڻي نه سگهيا ته لڳندو ته افغان مهاجر پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن، جن کي هن ملڪ مان ڪڍڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي.