سموري دنيا ۾ هر سال 10 آڪٽوبر تي ذهني صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هر سال جيان اڄ اهو ڏينهن ملهايو يو وڃي. هن سال اڄوڪي ڏينهن جو مرڪزي خيال (ٿِيم)/ نعرو آهي: ”ذهني صحت اسانجو بنيادي حق آهي“.
هن ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ ذهني صحت بابت جاڳرتا پکيڙي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته مجموعي طور تي جسماني صحت جي معاملن ۾ متاثر فردن کي ڪجهه ٽيسٽن، سُور يا تڪليف رستي پنهنجي تڪليف يا مسئلي بابت آگاهي ملي ويندي آهي ۽ هُو ھڙان وڙان پنھنجو الھه تلھه وارڻ سان گڏ قرض کڻي به علاج ڪرائي وٺندو آهي، پر ذهني صحت جي معاملي ۾ هڪ ته متاثر فرد کي خبر دير سان پوي ٿي، ٻيو ته ان جي علاج بابت اسان جهڙن سماجن ۾ اڃا شعور ۽ جاڳرتا جي گھڻي کوٽ آهي. تنهنڪري خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن ذهني يا نفسياتي بيماري انسان جي اندر گَھر ڪري ويھي رھندي آهي. تڏھن ته اھو مثال ڏنو ويندو آھي ته ”بيمارِي گھوڙي تي چڙھي ايندي آھي ۽ ’جُونئن ــ پَير‘ واپس ويندي آھي.“ ذهني مرضن بابت مناسب آگاهي نه هجڻ سبب انسان پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾، پيشاورانه توڙي سماجي طور اڪيلو ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ 90 سيڪڙو آپگھات جو سبب به ذهني بيماريُون ئي آهن. اوهان اخبار، سوشل ميڊيا ذريعي يا پنهنجي آسپاس اهڙا ڪيترائي واقعا ٻڌندا ۽ ڏسندا هوندا، جن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙن، طلا قن، جنسي ڏاڍاين ۽ قتل جو ڪارڻ اهڙين ذهني بيمارين جي آخري حد هوندو آهي. ذهني ڇڪتاڻ، ڊپريشن ته اڄڪلهه هر چوٿين ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي.
ذهني اگھائيءَ ۾ جو سبب، فرد جُون جذباتي، نفسياتي توڙي سماجي حالتون ھونديون آھن، جيڪي اسانجي سوچ ۽ ويچار تي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اثر انداز ٿينديون آهن. زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ هر انسان لاءِ ذاتي، سماجي يا نوڪريءَ ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ پسند ناپسند جي فيصلا سازيءَ جي ڏس ۾ ذهني دٻاءُ انسان جي پرسڪون جيئندان ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻبو آهي، جنهنڪري انسان ذهني الجھنن ۽ اڳتي هلي بيمارين جو شڪار ٿي پوندو آهي.
هر انسان لاءِ ننڍپڻ کان پوڙهائپ تائين سندس ذهني صحت تمام ضروري آهي. جسماني بيمارين وانگر ذهني ناچاقيءَ جا به ڪيترا ئي سبب ٿين ٿا. مثلاً: ڪٽنب جو (يا ڪٽنبن مان ڪنهنجو) منتقل ٿيڻ، جنسي هراسانيءَ جو شڪار ٿيڻ، صنفي اڻ برابري ، ننڍي عمر ۾ شادي، پيشاورانه زندگيءَ ۾ محنت جو صلو نه ملڻ يا اهليت هجڻ جي باوجود ترقي نه ملڻ ۽ توهانجي ڀيٽ ۾ ڪنهن نااهل کي ترقي ۽ موقعا ملڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سبب… هر عمر ۽ جنس جي لحاظ کان ذهني بيمارين جا سبب به الڳ الڳ ٿين ٿا. عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ذهني ناچاقيءَ جي وَر چڙهڻ کان بچڻ جو ڪيترن ئي طريقن سان بچاءُ ممڪن آهي.
ذهني بيماريءَ جي ڪري نه فقط مريض، پر سندس سمورو خاندان متاثر ٿئي ٿو. ڪنهن به معاملي ۽ مسئلي بابت ڪجھه وقت سوچڻ هڪ عام عمل آھي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن به معاملي تي حد کان وڌيڪ عرصو، ھفتا، ڏينهن، مهينا يا سالَ، سوچي ٿو، ته اهو پڻ سندس ذهني ناچاقيءَ جو سبب بڻجي ٿو، جنهنکي جلد کان جلد ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي روز مره جي زندگيءَ جو مسلسل جائزو وٺندا ٿا رهو، ته اهڙي ڪنهن به ذهني الجھن جي پهرين ئي مرحلي تي پنهنجو پاڻ ئي اهڙن معاملن تي ضابطو آڻي سگهو ٿا. ان ڏَس ۾ ڪنهن به ذهني اگھائيءَ جي ٻِي اسٽيج تي اوهانکي گهر ڀاتين ۽ ساٿين جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. بهتر اهو آهي ته ذهني صحت جي ماهرن کان صلاحن ذريعي پهرين مرحلي ۾ ئي اهڙيءَ مصيبت کان بچي، ڀرپور ڪامياب زندگي گذارڻ جو اهتمام ڪريو.
ذهني صحت ۽ تعليم:
ذهني صحت جي عالمي ڏينهن ۽ تعليم جو پاڻ ۾ تمام گھرو تعلق آهي، ڇوته تعليمَ، ذهني صحت کي سمجهڻ ۽ سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. عمومي تعليم توڙي ذهني صحت بابت جاڳرتا، ذهني صحت جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ۽ شاگردن، استادن توڙي والدين جي وسيع گروھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. شاگردن کي ذهني صحت جي باري ۾ تعليم ڏئي کليل گفتگو کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي ۽ ضرورت پوڻ تي کين مدد طلب ڪرڻ جي حوصلا افزائي پڻ ڪري سگهجي ٿي. اهڙيءَ طرح تعليم رستي زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪمن ڪارن ۽ ذهني صحت کي سمجهي، زندگيءَ ۾ توازن پيدا ڪري سگهجي ٿو. گهر ڀاتين، ٻارڙن ۽ پنھنجي آسپاس جي فردن ۾ احترام جي هلت عام ڪرڻ ۽ هر ڪنهنکي انفرادي توجهه جو احساس ڏيارڻ به ذھني بيمارن کان بچاءَ جو سولو طريقو ٿي سگھي ٿو.
اچو ته پنهنجن ننڍن ننڍن اڻ ليکين عملن سان پنهنجَي، پنهنجن جِي ۽ پنهنجي آسپاس رهندڙ ساٿين توڙي عام ماڻهن جِي ذهني صحت کي يقيني بڻائي، سندن زندگين کي وڏن نقصانن کان بچايون، ڇاڪاڻ ته اڄ جي هن عالمي ڏينهن جي مرڪزي خيال مُوجب ”ذهني صحتَ هر فرد جو بنيادي حق آهي!“