2001 کان پوءِ سنڌ ۾ پ پ مخالفن کي ڪاميابي ڪونه ملي رهي آهي ۽ پ پ کي مخالفن کي سرسي سوم ناٿ مندر جيان حاصل رهي آهي. پ پ خلاف ڪيترائي اتحاد ٺهيا پر انهن کي ڪا خاص ڪاميابي نصيب ٿي رهي آهي. ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٻڌايا پيا وڃن. جن ۾ اهم ڪارڻ پ پ مخالفن جو مضبوط اتحاد سامهون نه اچي سگهيا آهن.
جيتوڻيڪ 2018 واري چونڊ ۾ سنڌ اندر پ پ لاءِ چونڊ وڙهڻ ڏاڍي ڏکي هئي ۽ ماڻهن ۾ پ پ خلاف ايترو ته غصو ۽ ڪاوڙ هئي جو ووٽر پ پ اميدوارن تي چونڊ مهم دوران ڪتا به بڇيندا رهيا. 2018 جي چونڊ ۾ جي ڊي اي کي پ پ مٿان ڪاميابي حاصل ٿي رهي هئي پر عين چونڊ ڏينهن اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ ۾ ڳٺ جوڙ ٿيندي ٿيندي نيٺ ڪامياب ٿي ويئي جي ڊي اي چونڊ سنڌ ۾ کٽي رهي هئي. نيٺ جي ڊي اي جا ووٽ پ پ کي ڏيکاري کٽرايو ويو. ان جو نتيجو جيڪو نڪتو اهو سنڌ واسين آڏو آهي. هن وقت 2024 جي چونڊ لاءِ ساڳئي تياري ٿي رهي آهي. جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، جميعت علماءِ اسلام ف گروپ سنڌ ۾ پ پ خلاف لابنگ ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي. عام راءِ اها آهي ته هن ڀيري پ پ لاءِ ملڪ جيان سنڌ ۾ سياسي صورتحال ۽ چونڊ جي صورتحال ڏاڍي ڏکي آهي. سنڌ جو ووٽر غصي ۽ ڪاوڙ ۾ آهي.
اڪثر ماڻهن جي راءِ آهي ته عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۽ پي ڊي ايم جي نام نهاد پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ آصف زرداري جو اهم ڪردار هيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي اقتدار عوام کي رليف ڏيڻ بدران هڪ وڏي معاشي گهوٽالي جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ عوام مٿان مهنگائي جو هائڊروجن بم اڇلايو ويو. ان اڇلايل بم جا اثر اڃان تائين جيئين جو تيئين ملڪ ۾ برقرار آهن پنهنجي سنڌ ۾ وافر مقدار ۾ پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ ۽ کنڊ اسان جي کائڻ جي پهچ کان پري آهي. سنڌ جون اڪثر شگرملون به زرداري جون، ڪڻڪ سنڌ جي گدامن ۾ هزارين ٽن خراب ٿي رهي آهي پر سنڌ جي عوام کي ڏيئڻي ناهي. چونڊ مهم دوران پ پ اڪثر اميدوارن کي عوامي غصي ۽ ان جي ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙي طرح جهڙي طرح پنجاب ۾ شهباز شريف جي گاڏي کي روڪي عوام ردعمل جو مظاهرو ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ زرداري جي منظور نظر دوست ملڪ رياض جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ تعجب جهڙي ڳالهه اهيا آهي ته ملڪ رياض مٿان پهريون ڀيرو ڪي پي ڪي ۽ راولپنڊي جي ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿي ويا آهن.
تازو آرمي چيف جنرل عاصم منير سنڌ ۾ ٿيندڙ ايپڪس ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غير معاشي سرگرمين ۾ ملوث مافياز خلاف آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. ڪاميٽي ۾ اهيو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي 50 هزار ايڪڙ کان به مٿي زمين مٿان ٿيل قبضن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. يقينن اها سنڌ ۾ قبضي هيٺ زمين ملڪ رياض جي ور چڙهيل آهي. ملڪ رياض جو گهيرو ڇو تنگ ڪيو پيو وڃي؟ ان سوال جا به ڪيترائي پاسا ڏسجڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن ملڪ رياض 10 کان 15 ارب ڊالر ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿو ته پوءِ سندس مٿان ڪجهه مشڪلاتون گهٽ ٿي سگهن ٿيون. يا وري آصف زرداري کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ انهن جي ويجهن دوستن جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو. 2008 کان مسلسل لاڳتو پ پ مٿان سنڌ جي حڪمرانن جو تاج رهيو آهي. پر ان ايڏي وڏي عرصي ۾ سنڌ ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي سگهي. صرف لٽيو، ڦريو، کائو ۽ کارايو وارو نعرو رهيو. سنڌ جي عوام کي ڄاڻي واڻي غربت ۾ ڌڪيو ويو. پر پ پ لاءِ هڪ ڳالهه بهتر رهي آهي ته ان کي 2008 کان وٺي اڄ تائين ڪوبه اتحاد شڪست نه ڏيئي سگهيو آهي.
هن ڀيري پ پ مخالف اتحاد ۾ پ پ شهيد ڀٽو به شامل آهي ۽ چونڊ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو به چونڊ مهم دوران عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتل هوندا. هن وقت اسٽيبلشمينٽ پاران پ پ کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏڻ کان پوءِ آصف زرداري سنڌ ۾ هڪ نئين سياسي جوڙ جڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ورڪ ڪري رهيو آهي. ٽنڊو الهيار ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ٻه ڏينهن ترسڻ ان سياسي صف بندي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڀيري سنڌ جو ماڻهو ڏاڍو مايوس ۽ پريشان آهي. برسات سٽيلن جا پئسا کاڄي ويا. برسات متاثرين کي گهر ٺهي ڪونه مليا. بک بدحالي ۽ پنڻ طرف رجهان وڌڻ جو سبب به ناڪاره حڪمراني ٻڌايو پيو وڃي. ايندڙ چونڊ ۾ به وري ساڳيا اميدوار، ساڳيا نعرا جلد اچڻ وارا آهن.
سنڌ جي سياسي مارڪيٽ ۾ اهڙا افواهه به گردش هيٺ آهن ته پ پ اندر هڪ ٻيو گروپ ۾ جلد سامهون ايندو. هي اهو گروپ هوندو جنهن کي پ پ قيادت مسلسل نظرانداز ڪندي پئي اچي. ڪابينا ۾ شموليت کان ويندي مختلف سياسي فيصلن ۾ ۽ ان گروپ جي نمودار ٿيڻ به زرداري کي وڏو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اهو گروپ حيدرآباد جي ٿڌين هوائن مان نمودار ٿيندو ۽ هڪ جهڙ جي ڪڪر جيان اهو ڦهلجندي سموري سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو. موجوده حالتن مان پ پ کي ڪوبه سياسي فائدو ملي ڪونه سگهندو. آرمي چيف غير معاشي سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف آپريشن کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي ريجرز کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
هي آرمي چيف، ملڪ جي معاشي مسئلن، ڊالرن جي مافياز جي معاملن ۽ ڪرپشن جي معاملن تي ڪابه سودي بازي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو ادارن ۾ پاڪ فوج جي مقبوليت پهرين نمبر تي آهي ۽ سياستدانن ۾ عمران خان 100 سيڪڙو ڪامياب ۽ مقبوليت ليڊر طور گليپ سروي جي رپورٽ ۾ بيٺل آهي. آصف زرداري ٿوري به دلچسي وٺي ها ته سنڌ واسين کي بهتر بجلي ملي پئي سگهي. عوام کي اهيا به خبر آهي ته نواز شريف ڪو آيت الله خميني ناهي جيڪو ملڪ جي خاطر جلا وطني ڪندي ملڪ ۾ انقلاب ايندو. نواز شريف 100 دستاويز جي پني تي لکي ڏيئي ٻاهر ڀڄي ويو ۽ عوام کي اڪيلو ڇڏي ويو. شهباز شريف جيڪو ڪوڙ جون لکين ڊگريون رکي ٿو چوي ٿو ته هڪ ڀيرو ادا نواز شريف کي موقعو ڏيو ملڪ جي خدمت ڪندا. ته پوءِ اهو به ٻڌايو ته شهباز شريف 16 مهينن جي حڪومت ۾ عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي ويئي؟ شهباز شريف جهڙو ڪوڙو ۽ ٺڳ سياستدان پاڪستان کي وري مشڪل هٿ اچي. لطيف کوسي ۽ اعتزاز احسن پاران پ پ کي ڇڏڻ سان زرداري کي اڃان به مٿي ۾ سور وڌي ويندو ۽ پارٽي اندر لابنگ شروع ٿي ويندي.
بهرحال عمران خان سڀني پارٽين کان سياسي ميدان ۾ گوءِ کنيون بيٺو آهي. سنڌ جي ووٽر پ پ کان انتقام وٺڻ لاءِ هڪ ٻئي پلاننگ به ڪري ورتي آهي. ووٽ ڏيڻ ڏينهن چونڊ بوٿ ۾ بيلٽ پيپر تي پ پ جي نشان تي منڌيئڻي جو نشان ڏيئي سگهي ٿو. اهيو ان صورت ۾ هوندو جڏهن عمران خان کي نااهل ڪيو ويندو ۽ بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان نه هوندو پر جيڪڏهن بيلٽ تي بيٽ جو نشان موجود هوندو ته پوءِ پ پ لاءِ وڏيون مشڪلاتون هونديون. پنجاب اندر ن ليگ هڪ وڏي اونهي کڏ ۾ ڪريل آهي ن ليگ ووٽر جي گهيري ۾ آهي. نواز شريف سڌو سنئون ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪندي عوام جي وچ ۾ اچي ڪونه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ن ليگ جي 16 مهينن جي حڪومت عوام کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو. ۽ عوام ن ليگ لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪندو. چونڊ کان باغي به ٽئي گروپ آصف زرداري گروپ ن ليگ گروپ ۽ مولانا فضل الرحمٰن گروپ. جيڪڏهن پ پ پنهنجي 13 سالن جي اقتدار ۾ عوام کي ڪجهه ڊيلور ڪري ها ته اڄ پي ڊي ايم اهڙي صورتحال ۾ نه هجي ها. بحرالحال آڪٽوبر جو مهينو سياسي پارٽين لاءِ اهم آهي.