وچ اوڀر جو بحران، حماس ۽ امڪاني عالمي منظر نامو

فدا حسين ملڪ

مشرق وسطي هڪ اهڙو خطو آهي جيڪو نه صرف جاگرافيائي حوالي سان پر سياسي ۽ اقتصادي حوالي سان به دنيا م اهم اهميت جو حامل آهي،هي خطو هڪ ٻي سبب جيڪري ئي سدائين عالمي ميڊيا جي خبرن م رهندو آهي سو آهي فلسطين- اسرائيل جو جاگرافيائي تضاد جيڪو 1948 کان اڄ تائين مختلف جنگين ۽ هٿياربند جهيڙن جي صورت ۾ هلندو پيو اچي.

حماس طرفان تازو اسرائيل تي حملو 1973 ڪپور جنگ جي پنجاهين سالگراه جي ڏينهن تي ڪيو ويو آهي جيڪا عربن ۽ اسرائيل وچ م 6 اڪتوبر کان 25 اڪٽوبر 1973 تي وڙهي وئي هئي ۽ هيل تائين جي خبرن موجب حماس طرفان اهڙو سرپرائز حملو ڪيو ويو جيڪو زميني سامونڊي ۽ هوائي حملن تي ٻڌل هيو ۽ اسرائيل مٿان ڇنڇر جي صبح سان ئي 5000 راڪيٽ حملا غزا مان ڪيا ويا جيڪي اسرائيل جي شهرن م ڪريا ۽ گڏوگڏ حماس طرفان غزا سان لڳندڙ سرحدي شهرن م اسرائيلي سڪيورٽي فورسز تي زميني حملا ڪندي سندن بارڊر ڪراس ڪري سندن چيڪ پوسٽن تي قبضا ڪري کين نه صرف جاني نقصان ڏنو پر سندن سوين فوجي آفيسر عملدار ۽ شهري به يرغمال بڻائي ورتا ۽ هن مهل تائين ٻاويهه کان وڌيڪ جڳهن تي اسرائيلي سڪيورٽي فورسز سان حماس جي گوريلن جي سڌي ويڙه جاري آهي.حماس طرفان هن مهم جوئي کي الاقصي طوفان جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هن حملن م سڀ کان وڏي ڪاميابي جيڪا سندن بقول دعوي ڪمي پئي وڃي ته هنن 600 کان مٿي اسرائيلي فوجن کي نه صرف ماريو آهي پر هڪ اسرائيلي برگيڊ نهل برگيڊ جي برگيڊ ڪمانڊر ڪرنل جوناٿن اسٽن برگ کي به سوين فوجين ۽ سويلين سميت يرغمال بڻائي غزا م پنهنجي محفوظ ٺڪاڻن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.حماس جي ٽاپ ليڊرشپ هنن ڪامياب حملن تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي عزم ڪيو آهي ته اسرائيل کي سک سان ويهڻ نه ڏبو ۽ هي حملا جينئن جو تينئن جاري رهندا ۽ گڏوگڏ ٻين عرب ملڪن ۽ تنظيمن کين پڻ هن ويڙه م گڏجڻ ۽ شامل ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي جنهن سڏ کي ورنائيندي فلسطيني ويڙهاڪ گروپ اسلامي جهاد ۽ لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله پڻ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ حزب الله لبنان سان لڳندڙ اسرائيلي سرحد شيبا فارم لڳ ٽن اسرائيلي چئڪ پوسٽن تي راڪيٽ حملا ڪري ذميواري قبول ڪئي آهي.

هنن حملن م هيل تائين اٺ سئو اسرائيلي مري چڪا آهن جڏهن ته 2500 کان مٿي زخمي آهن ۽ اسرائيل م جتي هنن حملن سبب خوف و حراس وارو ماحول آهي اتي اسرائيلي حڪومت طرفان ملڪ م جنگي ايمرجنسي جو نه صرف اعلان ڪيو ويو آهي پر حماس کي ختم ڪرڻ ۽ غزا تي مڪمل قبضي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان ڪابينا کان منظوري بعد غزا جي شهرين کي غزا ٻارنهن ڪلاڪن اندر خالي ڪرڻ جو چيو ويو آهي ۽ پنهنجي ريزرو فورسز کي طلب ڪندي انفنٽري ڊويزنن کي به هاءَ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ اسرائيل طرفان حماس حملن جي جواب م آپريشن کي (swords of iron) جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ فوري طور اسرائيلي ايئر فورس طرفان هوائي حملا ڪري غزا م ڪثير المنزلا عمارتون پٽ ڪندي حماس جي ڏيڊ سئو ٺڪاڻن کي تباه ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي جن م بئنڪ ايمونيشن ڊيپو ۽ لاجسٽڪ اسٽور ۽ حماس جا هٿياربند هيڊڪوارٽر شامل آهن،اسرائيلي حملن م 700 فلسطيني شهيد ۽ 3000 کان مٿي زخمي آهن ۽ غزا جي مڪمل ناڪابندي ڪري بجلي انٽرنيٽ سروس ۽ ڪميونيڪيشن مڪمل ختم ڪئي وئي آهي جنهن سبب اسپتالن م ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن ۽ دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جو بحران جنم وٺي رهيو آهي.اسرائيلي نيوي طرفان سمنڊ رستي داخل ٿيندڙ سوين حماس جي جنگجوئن کي مارڻ ۽ پڪڙڻ جي دعوي ڪئي آهي. هنن حملن اسرائيل جي انٽيليجنس ناڪامي کي نه صرف پڌرو ڪري ڇڏيو آهي پر سندن (iron Dome air defence system) آئرن ڊوم ايئر ڊفينس نظام جي پت به وائکي ڪري ڇڏي آهي جيڪو حماس جي ديسي ساخته هيٺائين مار ڪندڙ راڪيٽن کي روڪڻ م مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي.

حماس طرفان هي حملا ڪرڻ جا ڇا سبب آهن؟؟

دفاعي تجزيه نگارن موجب حماس طرفان هي بدلو يا انقلاب ناهي پر عربن ملڪن جي طرفان فلسطين جي پوئتي ويندڙ ايجنڊا آهي ۽ حماس جو هي قدم مڪمل طور تي هڪ منظم ۽ رٿابندي سان ڪيل آهي ۽ هنن حملن جي ٽائمنگ وڏي اهميت رکي ٿي جڏهن خطي جا اهم عرب ملڪ جيڪي ماضي م فلسطين اسرائيل مسئلي م فريق رهيا آهن ۽ هينئر بدلجندڙ عاملي منظرنامي م اسرائيل سان پنهنجا پنهنجا سفارتي رابطا بحال ڪرڻ طرف وڃن پيا تج اتي فلسطين ڪاز پوئتي وڃي پيو ۽ هي واقعو هينئر انهن ملڪن لاءِ مٿي جو سور بڻبو ۽ سندن سان اسرائيلي بحال ٿيندڙ تعلقات وقتي طور رڪجي ويندا ۽ هنن کي.مجبورن عملي طور يا سفارتي طور ئي سهي فلسطين ڪاز کي ماضي جيان کڻڻو پوندو جينئن سندن عوامي دٻاءُ گهٽجي سگهي ڇو ته هنن حملن بعد ۽ اسرائيل جي ڪارواين ۽ جنگ جي طبل بعد عرب ملڪن م فسلطين سان يڪجهتي ريليون نڪرڻ شروع ٿي ويون آهن.

ٻيو ته غزا ٻه ملين جي گهاٽي آبادي واري اهي پٽي آهي جٿي حماس کي مڪمل عوامي حمايت حاصل آهي ۽ ڪافي سالن کان اقتدار به وٽن ئي آهي گڏوگڏ جيڪڏهن اسرائيل غزا تي مڪمل قبضي جي امڪاني ڪوشش ڪئي ته نئين اربن وارفيئر جنم وٺندي ۽ انساني تباهي ايندي جنهن سبب وري اسرائيل عالمي دنيا م تنقيد هيٺ ايندو ۽ ان امڪاني اربن وارفيئر م اسٽريٽ ٽو اسٽريٽ ڪمبيٽ فائٽ ۾ حماس اسرائيل کي سخت مزاحمت ڏئي پاڻ کي عالمي دنيا آڏو فلسطين ڪاز جي اهم ڌر طور اڳتي آڻڻ جي ڀروور ڪوشش ڪندو ۽ فلسطين م فتح کي رپليس ڪرڻ جي سياسي ايجنڊا تي عمل ڪندو جيڪا هينئر اولهندي ڪناري تي اقتدار م آهي .ٻئي طرف هن سڄي معاملي م ايران جو ڪردار پڻ اهم آهي ڇو ته سندس اثر شام حزب الله حماس يمني حوثين تي آهي ۽ امڪاني طور هن جنگ وڌڻ سبب خطي م موجود تمام پراڪسيز جو ڪردار پڻ ظاهر ٿيندو جنهن سان ايران پنهنجو پاڻ کي هن خطي م موجودگي جو احساس ڏياريندو ڇو ته ماضي م.آمريڪا طرفان ايراني جرنيل قاسم سليماني قتل جي واقعي بعد عالمي طور اهو سمجهيو پئي ويو ته ايران طرفان مشرق وسطي م سڄي پراڪسيز جو ماسٽر مائنڊ فرد ختم ٿي ويو جنهن سان اهي پراڪسيز اڳتي هلي پنهنجي موت مري وينديون جيڪو ڏسڻ م نٿو اچي. سو هي حملو محض هڪ راءَ سان نٿو جوڙي سگهجي تمام گهڻا فيڪٽر آهن .ٻيو اسرائيلي حڪومت ڪرپشن جيڪري ملڪ م سخت تنقيد هيٺ هئي ۽ هن واقعي انهن کي سونهري موقعو فراهم ڪيو آهي ته وري سندن قوم کي قومي سلامتي خاطر گڏ ڪري سندن همدرديون حاصل ڪري ۽ پنهنجي ساک کي بحال ڪرائي جنهن م هن مهل تائين هو مڪمل ڪامياب ٿيندي نظر اچن پيا ۽ اسرائيلي قوم کي تحفظ ۽ جنگ جي نعري هيٺ ٻيهر گڏ ڪري سندن همدرديون حاصل ڪري چڪا آهن.

ڏسڻو اهو آهي ته هن جنگ جا عالمي منظر نامي تي ڪهڙا اثر پون ٿا ۽ حماس جي حڪمت عملي ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.