مريم نواز ۽ شهباز شريف کي پنهنجو ليڊر نٿو مڃان:شاهد خاقان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته منهنجو ليڊر نوازشريف آهي، مريم نواز ۽ شهبازشريف نه، نوازشريف کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اليڪشن ۾ حصو نه وٺندس.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ن ليگ ۾ آهيان، مون کي ڪنهن نوازشريف جي استقبال لاءِ ناهي چيو، اڄوڪين حالتن مطابق اليڪشن جو قائل ناهيان، مريم نواز پارٽي سنڀالي ته اسان جهڙا ماڻهو الڳ ٿي ويندا.

هن وڌيڪ  چيو  ته نئين پارٽي جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کانپوءِ اسان کي حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.