ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جا نتيجا تبديل، ڪنٽرولر امتحان عمران بٽ کي هٽايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مٽرڪ بورڊ ۾ نتيجا تبديل ڪرڻ جي معاملي جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا، ذريعن موجب  نتيجا آءِ ٽي سيڪشن ۾ تبديل ڪيا ويا، ناظمِ امتحان جي هدايت تي آءِ ٽي سيڪشن نمبرز تبديل ڪيا، ذريعن موجب هلندڙ سال تقريبن 2300 رول نمبرز جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، نتيجا تبديل ڪرڻ جي لاءِ في رول نمبر 50 هزار رپيا ريٽ فڪس ڪيو ويو هو، ٻئي پاسي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ نتيجا تبديل ڪرڻ جي معاملي تي بورڊ جي ڪنٽرول عمران بٽ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جي انتظاميا موجب ڊپٽي ڪنٽرولر خالد احسان کي قائم مقام ناظم امتحان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جي انتظاميا موجب نتيجن ۾ بي قائدگين جي جاچ جي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي نتيجن ۾ تبديلي جي معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.