ڪراچي (رپورٽر) نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان فهميده مرزا جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي وفد ملاقات ڪئي، سنڌ جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي وفد نگران وڏي وزير مقبول باقر سان ملاقات ڪئي، جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته صاف اليڪشن جي لاءِ شفاف انتظاميا اڻٽر آهي، سنڌ جي ٽيچرز ذريعي اليڪشن نه ڪرائي وڃي، وزير اعليٰ هائوس ۾ فهميده مرزا جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ جي ڊي اي وف مقبول باقر کي پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ فهميده مرزا کانسواءِ سردار عبدالرحيم، عرفان الله مروت ۽ ٻيا شامل هئا، ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ملاقات ۾ جي ڊي اي اڳواڻن لکت ۾ مطالبا پيش ڪيا، ذريعن موجب وفد مطالبو ڪيو ته اليڪشن ٿيڻ تائين بلدياتي ڪائونسلرن کي معطل ڪيو وڃي.