ٽوڪيو (م ڊ) جاپان جي پرڏيهي وزير ڪامي ڪاوايوڪو فلسطين جي عسڪريت پسند گروپ حماس طرفان اسرائيل خلاف حملن بعد سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته تحمل کان ڪم ورتو وڃي. جاپان جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن حماس ۽ ٻين فلسطيني عسڪريت پسندن طرفان غزه پٽي تان اسرائيل تي ڪيل راڪيٽ حملن جي سخت مذمت ڪئي. هن غزه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو سبب بڻجندڙ اسرائيل فوج جي حملن بعد پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
عمري جي آڙ ۾ ڪروڙين رپين جون فونز اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪراچي (رپورٽر) عمره زائرين جي آڙ ۾ ڪسٽم عملدارن ڪروڙين روپين جي آئي فونز اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪسٽم عملدارن موجب مسافرن جو هڪ گروپ عمري جي ادائگي کانپوءِ پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام اي ڪي 602 ذريعي دبئي کان ڪراچي پهتو هو ته ڪسٽم عملدارن شڪ جي بنياد تي ان گروپ کي روڪي ورتو ۽ ڪسٽم عملدارن انهن ماڻهن جي سامان جي اسڪيننگ ڪئي جنهن ۾ موبائل فونن جا خالي باڪس مليا، اختيارين جڏهن ڄاڻايل مسافرن کان موبائيل فون بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ته هنن غير تسلي بخش جواب ڏنا، جنهن سبب انهن مسافرن جي ڪپڙن جي تلاشي ورتي وئي، انهن مسافرن جي ڪپڙن انڊر ويئر مان 51 قيمتي آءِ فونز هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته اختيارين ٻڌايو ته عمره زائرين جي گروپ ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، موبائل فونن جي قيمت 1 ڪروڙ 86 لک رپيا آهي، جنهن تي موجوده قانون تحت 88 لک رپيا ڊيوٽي/ٽيڪس ادا ڪرڻا آهن. هٿ آيل موبائلن جي ڪل ماليت 2 ڪروڙ 76 لک رپيا آهي، جوابدارن خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ: ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ملوث ڪالعدم تنظيم جي ٽارگيٽ ڪلر مشتاق عرف شاهه جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پراسيڪيويشن ۽ پوليس جوابدار تي ڏوهه ثابت نه ڪري سگهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ جوابدار کي عمرقيد جي سزا ٻڌئي هئي جوابدارن 2012ع ۾شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري اطهر شاهه کي قتل ۽ مظاهر شاهه کي زخمي ڪيو هو.
خرم شير زمان جي ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ بابت ڌرين کان جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان جي ريسٽورنٽ ڪي بي سي سيل ڪرڻ جي خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ،گهروکاتي،ڊي سي سائوٿ ۽ چيئرمين فوڊ ڊيپارٽمينٽ سميت ٻين کي نوٽيس جاري جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته تحريڪ انصاف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ فوڊ پيزا شاپ ۾ سلينڊر ڌماڪو، 2 ڄڻا زخمي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گلشن اقبال ٿاڻي جي حد مسڪن چورنگي ڀرسان فاسٽ فوڊ پيزا شاپ ۾ سلينڊر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا عدنان ولد احمد ۽ نامعلوم شخص سخت زخمي ٿي پيا. دڪان جي مالڪ محمد علي سميت 3 ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي جي علائقي مسڪن چورنگي جي ڀرسان فاسٽ فوڊ پيزا شاپ جي دڪان ۾ سلينڊر جو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ عدنان ولد احمد سميت 2 ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا آهن. ھڪ موٽرسائيڪل سوار ۽ رڪشا ڊرائيور شامل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي اطلاع جي مطابق دڪان ۾ 2 سلينڊرن ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب ڪيترن ئي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي به نقصان پھتو، سلينڊر ڌماڪي جي واقعي ۾ دڪان جي مالڪ محمد علي سميت 3 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو.