جهنڊو مري/عثمان شاھ ھڙي (نمائندن وٽان) عثمان شاھ ھڙي ويجھو پيارولنڊ ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور پي هٿان ڌيءَ قتل جو انڪشاف، ڳوٺ شاهجهان بروهي ۾ بي رحم پيءُ نالي حضوربخش بروهي مبينا طور پنهنجي 19 ورهين جي صاحبه عرف حبيبا بروهي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو واقعي بابت سموري علائقي ۾ خوف وارو ماحول جڏهن ته اطلاع بعد پيارولنڊ ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪري ڇڏيو رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، مقامي ماڻهن موجب مليل ڄاڻ مطابق ناري کي سندس پيءُ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو آھي جلد ئي ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ جلد ئي جاچ بعد واقعي جي حقيقت ميڊيا سامهون آندي ويندي.