50 کان وڌيڪ اڳوڻن وزيرن ۽ صلاحڪارن کان سيڪيورٽي واپس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي 50 کان وڌيڪ اڳوڻي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي هدايتن  تي سنڌ ۾ 50 کان وڌيڪ اڳوڻي وزيرن ۽ صلاحڪارن کي فراهم ڪيل سڪيورٽي واپس ورتي وئي. سنڌ ۾ اهڙا 11 سياستدان ۽ صلاحڪار به آهن، جن کان سڪيورٽي واپس نه ورتي وئي آهي، پر آفيسرن ۽ گاڏين جو انگ گهٽايو ويو آهي، جڏهن ته انهن 11 ماڻهن مان 3 سياستدانن جي سڪيورٽي برقرار رکي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي سيڪيورٽي لاءِ 13 اهلڪارن ۽ هڪ پوليس موبائيل مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن مان 9 پوليس اهلڪار گهٽائي 5 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا، اڳوڻي صوبائي وزير شهلا رضا جي سيڪيورٽي لاءِ 10 پوليس  اهلڪارن مان 7 پوليس اهلڪار گهٽائي 3 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ جي سيڪيورٽي لاءِ 8 پوليس اهلڪارن مان 3 پوليس اهلڪار گهٽائي 5 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا، پ پ اڳواڻ نبيل گبول جي سڪيورٽي لاءِ  5 اهلڪارن مان 2 پوليس اهلڪار گهٽائي 3 اهلڪار مقرر ڪيا ويا، اڳوڻي ايم اين اي خورشيد شاهه، سيد نويد قمر ۽ مڪيش ڪمار چاولا جي سڪيورٽي لاءِ پوليس موبائلون واپس ورتيون ويون آهن، اڳوڻي صوبائي وزير صحت عذرا فضل پيچوهو جي سڪيورٽي لاءِ 10 اهلڪار، ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فروغ نسيم جي سڪيورٽي لاءِ 6 اهلڪار، خواجه اظهار جي 4 اهلڪار مقرر هئا، جنهن کي مقرر ٿيل سيڪيورٽي اهلڪار برقرار رکيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.