بنگالين جي حمايت ڪندڙ پاڻ بنگال هليا وڃن: لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊوڪيٽ ساجد   حسين مهيسر ۽ سرواڻ جتوئي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو 35 لک بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو ملڪ دشمني آهي، ايم ڪيو ايم ملڪي سالميت لاءِ خطرو بڻيل آهي، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي تحفظ ڏيندڙ ساڄي يا کاٻي يا مذهبي ڌريون مظلوم قومن جون سڄڻ نٿيون ٿي سگهن، سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين، برمين، بهارين، بنگالين، روهينگين ۽ هندستانين جي سهولتڪارن ۽ همدردن خلاف پڻ ڪارروايون ڪيون وڃن، لکين افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي امن ۽ ملڪي معيشت لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهن، بنگالين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ خود بنگال هليا وڃن، پاڪستان عالمي يتيم خانو ناهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت غير ملڪين کي قابض ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين خلاف آپريشن هلندڙ آهن پر سنڌ مان غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪي به گهربل قدم ناهن کنيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.