حيدرآباد دکن (م ڊ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ڇهين ميچ ۾ نيوزيلينڊ، نيڌرلينڊر کي رنسن 99 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻي فتح حاصل ڪري ورتي آهي، نيوزيلينڊ طرفان 323 رنسن جي جواب ۾ نيڌرلينڊز ٽيم 47 هين اوور ۾ 223 رنسن تي ڍير ٿي وئي، نيڌرلينڊز طرفان ڪولن ايڪرمن 69 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان اسڪائوٽ ايڊورڊز 30، سئبرانڊ انگلبريخت 29 ۽ تيجا نائيڊمنارو 21 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جي مچل سينٽنر 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، مئٽ هنري 3 ۽ راچن رويندرا جي حصي ۾ 1 وڪيٽ آئي، حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پهريان کيڏندي مقرر اوورن م ست وڪيٽن جي نقصان تي 322 رنسون ٺاهيون، ڪيوي ٽيم طرفان وِل ينگ ستر رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪيوي ڪپتان 53 ۽ راچن رويندرا 51 رنسون ٺاهيون، ان کانسواءِ ڊيرل مچل 48 ۽ ڊيون ڪانوي 32 رنسون ٺاهيون، مارڪ چيمپين پنج ۽ گلين فلپس چار رنسون ٺاهي سگهيا، نيڌرلينڊز طرفان آريان دت، وين ميڪيرن ۽ وين ڊرمرو ٻه، ٻه جڏهن ته بيس ڊي ليڊا هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، شاندار بالنگ تي مچل سينٽنر کي پلئير آف ميچ قرار ڏنو ويو .