ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار سب انسپيڪٽر 53 ورهين جو عامر علي ولد حسين عباس شهيد ٿي ويو، سب انسپيڪٽر عامر علي فياض فيڊرل بي ايريا بلاڪ 13 جو رهواسي هو ۽ ايس پي گلبرگ شڪايتي سيل ۾ مقرر هو، ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بهادر به واقعي واري هنڌ پهتو ۽ ثبوتن جو معائنو ڪيو، ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بهادر چيو ته ته عامر علي عباس جو پٽ 2 سال اڳ فوت ٿي ويو هو ۽ انسپيڪٽر وادي حسين قبرستان ۾ ويندو هو، هو اڄ به وادي حسين قبرستان ۾ پنهنجي پٽ جي قبر تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪري واپس وڃي رهيو هو ته چاڪر هوٽل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو، مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس شهيد سب انسپيڪٽر عامر علي جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، سب انسپيڪٽر عامر 2 ٻارن جو پيءُ ۽ ٽن ڀينرن جو ڀاءُ هو.
جنوري ۾ چونڊون نه ٿيون ته پيپلزپارٽي روڊن تي نڪرندي: نيئر بخاري
ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي ٿيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنوري ۾ چونڊون نه ٿيون ته پيپلزپارٽي رستن تي نڪرندي، ڌرڻو هڻنداسين، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نيئر بخاري پي ڊي ايم جي صدر ۽ جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اليڪشن بابت خدشن تي چيو ته مولانا فضل الرحمان کان سوال آهي ته ملڪ ڪير سنڀاليندو؟ مولانا فضل الرحمان صاحب وٽ ملڪ کي هلائڻ جو ڪهڙو فارمولو آهي، اسان وٽ ته آئين تحت اليڪشن جو ئي فارمولو آهي، هن چيو ته اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي، جنوري ۾ چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين، ڌرڻو هڻنداسين، ڌرڻو ڊي چوڪ تي هوندو يا ڪٿي ٻئي هنڌ ان جو فيصلو بعد ۾ پارٽي ڪندي.
حزب الله پاران حماس جي هر قسم جي حمايت جو اعلان
بيروت(م ڊ) لبناني جهادي گروپ حزب الله اسرائيل خلاف فلسطيني جهادي گروپ حماس جي هر قسم جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.العربيه ٽي وي موجب حزب الله جي سينيئر اهلڪار هاشم صفي الدين چيو ته سندس گروپ جون ”بندوقون ۽ راڪيٽ“ فلسطيني جهادي گروپ حماس وٽ هئا، جنهن ڇنڇر تي اسرائيل تي اوچتو حملو ڪيو جنهن ۾ 400 اسرائيلي مارجي ويا.
مصر ۾ پوليس هٿان 2 اسرائيلي سياح قتل
قاهره(م ڊ) مصر جي اترئين صوبي سڪندريا ۾ 2 اسرائيلي سياح هڪ پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا. چيني خابرو اداري موجب مصري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته سڪندريه ۾ هڪ مصري پوليس اهلڪار شهر جو دورو ڪندڙ اسرائيلي سياحن جي گروپ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اسرائيلي سياح مارجي ويا.