ڪابل(م ڊ) افغانستان جي هرات ۽ ٻين اولهه وارن صوبن ۾ آيل طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ 2053 ماڻهو فوت ۽ 9240 زخمي ٿيا آهن. برطانوي خابرو اداري موجب افغانستان ۾ قدرتي آفتن واري وزارت جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته هاڻوڪي زلزلي سبب 2053 ماڻهو فوت ۽ 9240 زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 1239 گهرن کي نقصان پهتو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته زلزلي سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ ۽ ڊٺل عمارتن هيٺان ماڻهن جي دٻجڻ جي ڪري فوتگين ۾ اضافي جو خدشو آهي. هوڏانهن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام گذريل ڏينهن افغانستان جي اولهندي علائقن ۾ آيل تباهه ڪن زلزلي تي شديد ڏکويل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ مالي ملڪيتن جو وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي.