ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس راشد منهاس روڊ تي يونيورسٽي جي شاگردياڻين کي هراسان ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي پوليس طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس فحش حرڪتون ڪندڙ شخص 7 ڏينهن بعد گرفتار ڪيو، پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڊي ايس پي عزيز آباد ۽ ايس ايڇ او جوهر آباد جي ٽيم موٽرسائيڪل هلائيندي فحش حرڪتون ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار جوابدار پنهنجو نالو عديل ٻڌايو آهي، ان کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ شخص موٽرسائيڪل هلائيندي شاگرددياڻين کي هراسان ڪري رهيو هو، جنهن جي وڊيو شاگردياڻين رڪارڊ ڪري ورتي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدار کي هاڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ان کان اڳ به ڪيترائي فحش حرڪتن جا واقعا پيش اچي چڪا، جن مان ڪجهه گرفتاريون ٿي چڪيون آهن.