سعودي عرب ۾ 1 هزار غير قانوني پناهگير گرفتار

جده(م ڊ) سعودي عرب ۾ غير قانوني پناهگيرن خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي چيو آهي ته گذريل هفتي  15 هزار 201  غير  قانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اهي گرفتاريون 28 سيپٽمبر کان 02 آڪٽوبر 2023 جي وچ ۾ عمل ۾ آيون آهن

اسرائيل ۾ ڦاٿل بالي ووڊ اداڪارا ڀارت پهچي وئي

ممبئي (م ڊ) فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ٿيل ڇڪتاڻ سبب اسرائيل ۾ ڦاٿل بالي ووڊ اداڪارا نشرت ڀروچا حفاظت سان ممبئي پهچي  وئي، اداڪارا 39 هين حيفا انٽرنيشنل فلم فيسٽيول لاءِ اسرائيل وئي هئي، حماس جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ بالي ووڊ اداڪارا اتي ئي ڦاسي پئي هئي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب نشرت ڀروچا جي ٽيم ميمبر ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو هو ته نشرت سان رابطو ٿي چڪو آهي ۽ هوءَ خيريت سان آهي، جڏهن ته نشرت ڀروچا حفاظت سان ممبئي ايئرپورٽ تي پهچي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب اسرائيل کان ممبئي پهتل اداڪارا ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو.

صحت واري قومي اداري پاران ملڪ ۾ نيپا وائرس پکڙجڻ جو خدشو

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ملڪ ۾ نيپا وائرس پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ وفاق ۽ صوبائي صحت اختيارين کي نيپا وائرس بابت وارننگ پيغام موڪلي ڇڏيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جو چوڻ آهي ته نيپا وائرس ڀارتي سرحدي علائقن ۾ چمڙي مان پاڪستان ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو نيپا وائرس جون علامتون 5 کان 14 ڏينهن تائين رهي سگهن ٿيون، مٿي ۾ سور، الٽي،سنڌن ۾ سور،بخار ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي  وائرس جون علامتون آهن،اداري چيو ته ايئرپورٽس ۽ بارڊر پوائنٽس تي موثر نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.