ڪراچي ۾ ڀتا خوري جو نيٽ ورڪ ايران، دبئي ۽ افغانستان مان هلڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀتا خوري شروع ٿي وئي، هلندڙ سال جي 9 مهينن دوران ڀتا خوري جا 91 ڪيس سامهون آيا آهن،  جڏهن ته ڀتا خوري جو نيٽ ورڪ ايران، دبئي ۽ افغانستان مان هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي ايس ايس پي جنيد شيخ جو چوڻ آهي ته ڀتا خورن واقعي جو طريقو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٻاهرين ملڪ ڀتا خوري ۾ ملوث مضبوط ۽ منظم گروهه آهن جن مقامي ڇوڪرن جي مدد سان 5 کان 7 گروپ ٺاهيا آهن. ڀتا خوري جي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڇوڪرا پهريان واپارين، ننڍن وڏن واپارين، دڪاندارن، بلڊرن ۽ ٻين مختلف طبقن جي ماڻهن جي مڪمل ريڪي ڪندا آهن ۽ پوءِ وڏن توڙي ننڍن صنعتڪارن کي گولين سان ڀتا خوري جون پرچون موڪليندا آهن، پرڏيهه مان فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي رڪارڊ موجب، ايس آءِ يو کي 2018ع ۾ 91 ڪيسن جي جاچ ڪرڻي هئي، جن مان 44 ڪيسن کي عدالتن ۾ چالان ڪيو ويو، ڀتا خوري جي 91 ڪيسن مان 11 ڪيسن کي اي ڪلاس ۾ رکيو ويو جنهن موجب انهن ڪيسن ۾ ثبوت ڪافي نه آهن، جوابدارن جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي يا سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، هن جو چوڻ هو ته ڀتا خورن جو نيٽ ورڪ ٻاهرين ملڪن مان ڪم ڪري رهيو آهي، هي گروپ دبئي، ايران ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿي رهيا آهن، جن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان پڪڙيو به ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.