پاڪستان پاران اسرائيلي فوج کان فلسطينين تي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پاران اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي،نگران  پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار طور گڏ بيٺل آهيون، اسرائيلي قابض فوج جو فلسطينين تي جبر ۽ تشدد فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿاسوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.