هاڻي جنگ اولهندي ڪناري ۽ يروشلم تائين پکيڙينداسين: حماس سربراهه

غزا(م ڊ) حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته غزا ۾ شروع ٿيندڙ جنگ اولهندي ڪناري  ۽ يروشلم تائين پکڙجي  ويندي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل ۾ ڪامياب آپريشن کانپوءِ حماس جي سربراهه چيو ته اڄ عوام پنهنجي سرزمين تان قابضن کي ڪڍڻ لاءِ تيار آهي.هن چيو  ته آزاديءَ جي جنگ هاڻي صيهوني وجود جي دل ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ دشمنن کي ذلت آميز شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي. اسان جي فتح دشمن جي ڪمزورين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.