پاڪستان پاران وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان وچ اوڀر جي اڀرندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه جاري بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي وچ اوڀر ۾ اڀرندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي. هن چيو ته پاڪستان کي اسرائيل ۽ فلسطينن وچ ۾ وڌندڙ صورتحال جي انساني قيمت تي ڳڻتي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب فلسطيني مسئلي جو منصفاڻو، جامع ۽ پائيدار حل جو عزم ورجائي ٿو، هن چيو ته 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ قابل عمل خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.