ميھڙ(ن ع آ)25سيپٽمبر تي ٻيٽو جتوئي ڀرسان ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس سندن وارثن جي مرضي موجب داخل ڪرڻ ۽ قتل ڪيس ۾ پ پ پ اڳواڻ مير نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ لاءِ مقتول جي ڀاءُ فريادي نياز حسين چانڊيو جي ڏنل درخواست تي ميھڙ جي عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميھڙ عطاءُ الله مھر جي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي ميھڙ جي عدالت پاران مقتول غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس جيڪو سرڪاري مدعيت ۾ ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي اي سي آء علي اڪبر شاه جي فرياد تي ٽن جوابدارن علي مردان عرف جبل مگسي، سڪندر ۽ انور مگسي مٿان داخل ڪيو ويو ھيو ان ۾ وارثن جا قلم 161 جا بيان شامل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي ڪيس ۾ مقتول جي وارثن جي مرضي مطابق قاتلن جا نالا شامل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي عدالت ڪيس جي جانچ آفيسر کي حڪم ڪيو آھي ته مقتول جي وارثن جو قلم 161 وارو بيان وٺي قتل جو ڪيس لاڳاپيل مئجسٽريٽ وٽ جمع ڪرايو وڃي جتي مقتولن جي وارثن جا قلم 161 وارو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جي ھدايتن موجب قتل جو ڪيس ٻيھر داخل نه ٿو ٿي سگھي ان ڪري جانچ آفيسر ان ئي ڪيس ۾ مقتولن جي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪري لاڳاپيل مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪري جڏھن ته مقتول غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر مگسي ۽ ٻين جوابدارن سميت قتل ڪيس مقتولن جي وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪرڻ لاء سندس معصوم نياڻيون ۽ وارث گذريل 12 ڏينھن کان سراپا احتجاج ھئا جڏھن ته ميھڙ جي عدالت اھڙو فيصلو ٻڌائيندي مقتول جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس ۾ نالا شامل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي،ميھڙ ڪيس جي حاضري کان اڳ ميھڙ جي عدالت ۾ مقتول جون معصوم نياڻيون ريشما ۽ صائمه چانڊيو سميت وارث عورتون پيرئين اگھاڙي عدالت پھتيون ۽ انصاف جي گھر ڪندي چيو ته اسان جي بابا جي قتل ۾ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي شامل آھي اسان کي عدالت ۾ اميد آھي ته بابا جي قاتل جوابدارن کي ڪيس ۾ شامل ڪري اسان سان انصاف ڪيو ويندو،ميھڙ بي سيڪشن پوليس موجب عدالتي حڪم تحت مقتول جي وارثن جي 161 واري بيان تحت قتل ڪيس ۾ وارثن جي مرضي موجب جوابدارن جا نالا شامل ڪري لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ايندڙ حاضري دوران جمع ڪرايا ويندا.