حيدرآباد(رپورٽر)چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو طرفان ڊويزَن حيدرآباد جو تنظيمي اجلاس طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان مخاطب ٿيندي چيئرمين جيئي سنڌ مَحاذ چيو ته ”ڌاري آبادڪاري کي حڪمرانن اسان جي خلاف هڪ هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو آهي. اهو سلسلو 1947ع کان وٺي اَڄ سوڌو جاري آهي. ڪنهن به غيرملڪي کي حڪومت سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيده نه رهي آهي. هن چيو ته عملي طرح سنڌ ۾ موجود لکين غيرملڪين کي ٻاهر ڪڍڻ جي سنڌ پوليس ۽ رينجرس طرفان ڪا به ڪاروائي نظر ڪونه ٿي اچي. ڪراچي شهر سميت سنڌ جا ننڍا وَڏا ڳوٺَ ۽ شهر افغان آباديءَ سان ڀريا پَيا آهن، نادرا انهن کي سهولت ڏئي انهن جا غيرقانوني شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺاهي ڏنا آهن. هن چيو ته 15آڪٽوبَر تي افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ ۽ اهڙي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيندا اجلاس ۾ پنهل جمالي، ابرار مورائي ۽ محراب کوسو پڻ موجود هئا.