سکر (رپورٽر)سنڌ هاري ڪاميٽي باباء سڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي جنم ڏينهن تي سنڌ بچايو ريلي سکر جي ايوب گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ڪارڪنن، هارين، مزدورن، پورهيتن ۽ سماج جي مختلف شعبن جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳوڻي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، ولايت حسين نوناري، اعجاز شر ۽ محمد نواز جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتي، ريلي کي خطاب ڪندي ثمر حيدر جتوئي چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب اڄ عوام ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. جاگيردارن سرمائيدارن ۽ ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن جي دولت کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ بجاءِ حڪمران طبقو اڻ سڌو ٽيڪس لاڳو ڪري عوام تي مهانگائي جا بم ڪيترائي رهيو آهي قبائلي سرشتي جي ڪري پورهيت ۽ مڊل ڪلاس جا ماڻهو اتر سنڌ ۾ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن. اجمل ساوند کان جان محمد مهر ، اصغر کنڊ، فاطمه ڦرڙو، افضل لنڊ ۽ پريا ڪماري ان ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، هن چيو ته سرمائيدارن، جاگيردارن، ڪرپٽ حڪمرانن جي ملڪيت کي ٽيڪس لاڳو ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي،کير ٿر ۽ ڪارونجهر جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي.