گولاڙچي (رپورٽ:عيدن زندپور )گولاڙچي ۾ ايس يو پي جو عوامي جلسو امام بارگاه تي ٿي گذريو جنهن جي صدارت ايس يو پي صدر زين شاھ ڪئي ، جلسي ۾ سنئير نائب روشن ٻرڙو نائب صدر امير آزاد پنهور ، حيدر بخش ،دانش نور، ابو نوحاڻي ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي هزارين ماڻهن جي ميڙ کي ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته اسين جي ايم سيد جا پوئلڳ آهيون ۽ عدم تشدد واري سياست نه ڪئي آهي نه ڪنداسين اسٽيبلشمنٽ هميشه مافيا کي هٿي ڏئي ڪري سنڌ کي 15 سالن کان لٽيوآهي سنڌ جا مقامي وڏيرا چور آهن جيڪي اتر جي 4 ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪري هن کي هٿي ڏين ٿا اهيو ئي سب آهي ته سنڌ جي عوام کي پوليس کاتي تي يقين ناهي، هن چيو ته سعودي عرب ۾ ٻين ملڪن مان آيل ماڻهن کي نيڪالي ڏني وڃي ٿي ته پوء پاڪستان ۾ ويٺل غير قانوني افغاني کي عزت سان روانو ڪيو وڃي هن چيو ته پ پ جي ڪري اليڪشن ڪڏهن به آزاد نه ٿيندي هنن سنڌ سميت گولاڙچي جي عوام کي ايمانداري سان ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هاڻ روايتي ووٽ وارو سسٽم ختم ڪيو ان موقعي تي روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو تبديلي چاهين ٿا پ پ حڪومت صحافين کي به قتل ڪرايو امير آزاد پنهور جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا وسيلا هئڻ جي باوجود ماڻهو دربدر آهن آئل گئس هتان نڪري ٿو پر نه روڊ نه رستا نه اسڪولن جون بلڊنگون ته ٺهيو پر 25 چڪ وٽان گئس نڪتو آهي پر اتي به گئس نه مليو آهي