اسان به حڪومت ۾ اچي افغانين خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين: خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وفاقي وزير  خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين خاص ڪري افغانين خلاف جيڪا ڪارروائي يا شروع ڪئي پئي وڃي ان جا هاڪاري اثر سامهون اچي رهيا آهن ۽ ان جا. مستقبل۾ وڌيڪ اثر سامهون اچي رهيا آهن سيالڪوٽ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ اوون کان وٺي وڏن ڪاروبارن ۽ ملڪيتن تي افغانين جو قبضو آهي. اهڙي صورتحال ۾ انهن پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان جا هاڪاري اثر پيا آهن ۽ ايندڙ حڪومت به ان کي جاري رکندي.خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب اهو به هو ته افغاني هتي کان ڊالر خريد ڪري افغانستان وٺي رهيا هئا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.