جنيوا (م ڊ) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري (يو اين ايڇ سي آر) پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي حفاظت تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي ڏکيائين ۾ ورتل ماڻهن سان سهڪار جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سمورا ملڪ افغان شهرين جي واپسي جو عمل روڪين. يو اين ايڇ سي آر چيو آهي ته ڏکيائين، چئلينجن باوجود پاڪستان افغان شهرين جي ڏيهه واپسي جو عمل محفوظ طريقي سان يقيني بڻائي. يو اين ايجنسي اهو به چيو ته افغانستان ۾ انساني حقن جا مسئلا ۽ عورتون تڪليف ۾ آهن، افغان پناهگيرن جي ڏيهه واپسي سان سندن حفاظت جا سنگين مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. گڏوگڏ يو اين ايڇ سي آر افغان پناهگيرن کي چئن سالن کان رهائش ڏيڻ تي پاڪستان جا ٿورا به مڃيا ۽ چيو ته يو اين ايڇ سي آر ۽ آءِ او ايم جي پاڪستان حڪومت سان ڊگهي ڀائيواري آهي .يو اين ايجنسي موجب اسان افغان پناهگيرن جي سڃاڻپ، رجسٽريشن جي عمل ۾ پاڪستان سان سهڪار لاءِ تيار آهيون، انهن ماڻهن سان سهڪار لاءِ تيار آهيون، جن کي عالمي مدد جي ضرورت آهي. يو اين ايڇ سي آر جو چوڻ آهي ته جن افغانين تحفظ گهريو آهي، انهن کي زبردستي واپس موڪليو ويو ته انهن لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو.